سجاول ۾ مهينو اڳ جهيڙي دوران قتل ٿيل ٻن ڄڻن جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

سجاول ۾ مهينو اڳ جهيڙي دوران قتل ٿيل ٻن ڄڻن جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

سجاول (رپورٽر) مهينو پهرين زميني تڪرار تان جهيڙي دوران قتل ٿيل ٻن ڄڻن جي وارثن پاران قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج، سجاول ويجھو ڳوٺ مريد کوسو جي رھواسين شوڪت لنڊ، محمد جمن لنڊ ۽ محمد ايوب لنڊ پريس ڪلب سجاول پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪجهه وقت اڳ لنڊ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي بابت تڪرار تان جھيڙو ٿيو، جنهن دوران اسان جي ڌر جا ٻه ڀاتي بيدرديءَ سان قتل ڪيا ويا، جڏهن ته تيرهن ڄڻا سخت زخمي ٿيا. هنن ٻڌايو ته قتل جي واقعي بعد اسان اٺ ڄاتل جوابدارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪرايو، پر پوليس هيل تائين رڳو پنج جوابدار گرفتار ڪري سگهي آهي، باقي جوابدار کلي عام گهمي رهيا آهن ۽ اسان کي لڳاتار جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن جي خلاف اسان ٻي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرائي آهي، پر ان باوجود پوليس باقي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سنجيده ناھي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو ته فوري طور باقي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ته جئين وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگهجي.