English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد جي غريب آباد پاڙي ۾ پورهيت جي گهر ۾ ڌاڙو
45 views
|
30th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
هٿياربند پيارو ڪلمتي جي گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو: متاثر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گذريل رات دير سان ٽن هٿياربندن رزاق آباد جي غريب آباد پاڙي ۾ پورهيت پيارو ڪلمتي جي گهر ۾ گهڙي ڌاڙو هنيو ان سلسلي ۾ گهر مالڪ پيارو ڪلمتي جو چوڻ هو ته هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿيندي ئي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي تشدد جو نشانو بڻايو ان دوران هٿياربندن گهر ۾ موجود چار لک روڪ رقم، سون ۽ قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا. تشدد سبب گهرڀاتين کي شديد ذهني ۽ جسمي تڪليف پهتي جڏهن ته رزاق آباد ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ ڇانئجي ويو آهي اطلاع تي علائقي معزز اڪبر ڪلمتي، فيض سنڌي ،شيراز سولنگي، اقبال ڪلمتي، وهاب گبول صدام ڪلمتي ۽ ٻيا پهچي ويا جن سخت احتجاج ڪندي واقعي جي سخت مذمت ڪئي ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته علائقي ۾ ڪجهه وقت کان وارداتن ۾ واڌارو ٿي ويو آهي پر پوليس روائتي “ڪاروائي” ۾ لڳل آهي ۽ واقعي کان پوءِ به ڪا به اهم اڳڀرائي يا گرفتاري سامهون نه آئي آهي. ماڻهن جو چوڻ آهي ته پوليس واقعي کان پوءِ “نانگ ويو نڪري” واري روايتي طريقي تي هلي رهي آهي، جنهن سبب ڏوهارين جا حوصلا بلند ٿين ٿا.رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث هٿياربندن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ علائقي ۾ گشت وڌائي ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
هٿياربندن رزاق آباد
هٿياربند پيارو ڪلمتي
0 تبصرے