بلاول ڀٽو جيالا فيڊريشن جي اڳواڻ رئيس تاج محمد ڀرڳڙي پاران ڪنري جو دورو

رئيس تاج محمد ڀرڳڙي مختلف ذميوارن ۽ ميمبرن سان ملاقات ڪئي

بلاول ڀٽو جيالا فيڊريشن جي اڳواڻ رئيس تاج محمد ڀرڳڙي پاران ڪنري جو دورو

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر)بلاول ڀٽو جيالا فيڊريشن سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري رئيس تاج محمد ڀرڳڙي جو تعلقو ڪنري جو اهم تنظيمی ۽ تعزیتی دورو بلاول ڀٽو جيالا فيڊريشن سنڌ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري رئيس تاج محمد ڀرڳڙي، ميرپورخاص ڊويزن ۽ ضلعي عمرڪوٽ جي ذميوارن ۽ ميمبرن سان گڏ تعلقو ڪنري جي صدر حاجي اختر حسين اعواڻ جي رهائشگاهه تي خصوصي ملاقات ڪئي.ان موقعي تي تعلقو ۽ سٽي ڪنري جي عهديدارن، ڪارڪنن، حمايتي ۽ مقامي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ميٽنگ ۾ تنظيمي معاملن، عوامي مسئلن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.رئيس تاج محمد ڀرڳڙي چيو ته بلاول ڀٽو جيالا فيڊريشن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي نظرئي تي هلندي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي هر ڪارڪن جي ڏکن سکن ۾ ساڻ آهي.هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پارٽي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي ۽ عوامي خدمت جو نئون باب کوليو ويو آهي.رئيس ڀرڳڙي، چيئرمين بلاول ڀٽو پاران عورتن لاءِ شروع ڪيل موٽر سائيڪل اسڪيم کي تاريخي قدم قرار ڏيندي چيو ته عورتن کي بااختيار بنائڻ ئي مضبوط ۽ ترقي يافته پاڪستان جي ضمانت آهي، ۽ پيپلز پارٽي سدائين عورتن سان گڏ بيٺي آهي.هن وڌيڪ چيو ته پارٽي جي تنظيم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هر سطح تي رابطن جو عمل جاري آهي، ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ پڻ تنظيمی ۽ تعزیتی دورا جاري رکيا ويندا.آخر ۾ رئيس تاج محمد ڀرڳڙي، حاجي اختر حسين اعواڻ ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي، هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي.