ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر

ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حديد مان گذريل رات مقامي اخبار جي رپورٽر اعجاز شيخ جي پٽ اعجاز شيخ کان نئي هنڊا CD 70 موٽر سائيڪلٽن هٿار بندن هٿارن جي زور تي ڦري ويا جنهن جو فوري طور تي 15 تي اطلاح ڏنو ويو جيڪا ٻه ڪلاڪن کانپو۽ پهتي ۔ ٿاڻي اسٽيل تائون تي ايف پڻ ڪٽائي وئي جنهن کي 24 ڪلاڪ گذري چڪا آهن ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون اڃان تائين ڪابه ڪاروائي نه ڪئي۔ صحافي اعجاز شيخ بار بار ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون کي فون ڪري CC ڪئمرائون ڏسڻ لا۽ چئي رهيو آهي پر اسٽيل کي ٿورڙي به پراھ ناهي۔ متاثر صحافي ۽ ان جي فيلي وڌيڪ ٻڌايو ته مونکي ۽ منهنجي فيملي کي بار بار ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي اسان عدم تحفظ جو شڪار آهيون اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهاري سري عام هٿار کڻي گهمي رهيا آهن پر پوليس لينڊمافيا کان ڀتاخوري ۾ پوري آهي۔متاثر صحافي آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ايسٽ ۽ ايس ايس پي ملير کان گهر ڪئي آهي ته مونکي پنهنجي نئي CD70 موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ڦورون خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي۔