ملير: ڳوٺ فشريز وٽ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ دوران پيءُ پٽ ٻڏي ويا، نوجوان فوت

مڇي مارڻ دوران 25ورهين جو ديدار سمنڊ ۾ ڪِري پيو، کيس بچائڻ لاءِ سندس والد محمد عالم به ٽپو ڏنو

ملير: ڳوٺ فشريز وٽ سمنڊ ۾  مڇي مارڻ دوران پيءُ پٽ ٻڏي ويا، نوجوان فوت

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي سامونڊي علائقي ڳوٺ فشريز وٽ مڇي ماريندي پيءُ ۽ پٽ لانچ تان سمنڊ ۾ ڪري پيا، نتيجي ۾ پٽ ٻڏي فوت ٿي ويو، جڏهن ته والد بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي۔مقامی. مھاںڻن موجب، پيءُ پٽ لانچ ۾ مڇي پڪڙڻ لاءِ سمنڊ ۾ شڪار تي ويا هئا ته اوچتو نوجوان سرفراز ولد ديدار (عمر 25 سال) توازن وڃائڻ سبب سمنڊ ۾ ڪري پيو، جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ سندس والد ديدار ولد محمد عالم (عمر 55 سال) به سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو۔مقامي مهاڻن ۽ نيوي جي اهلڪارن فوري طور تي ٻنهي کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان سرفراز کي فوت قرار ڏنو، جڏهن⁠ته سندس والد جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي۔پوليس موجب واقعو حادثاتي نوعيت جو آهي، جڏهن⁠ته فوت ٿيل جي لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي۔مقامي مهاڻن جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ حفاظتي انتظامن جي کوٽ سبب اهڙا حادثا اڪثر پيش ايندا رهن ٿا، ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته مڇي مارڻ واري علائقن ۾ سيفٽي انتظامات کي بهتر بڻايو وڃي۔