شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور لڳ سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ اسٽيشن جي ڀر سان پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس ٽرين سان حادثو ريلوي ٽريڪ تي رکيل بم ٽرين گذرڻ وقت ڦاٽي پيو وڏي آواز سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ڌماڪي جي نتيجي ۾ پنج فوٽ ٽرين جي پٽڙي اڏامي وئي ريل جون ست بوگيون پٽڙي تان لھي ويون چار مسافر زخمي واقعي جو فوري اطلاع بعد ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب احمد چاچڙ، اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان چيما، ريسڪيو 1122 ايمبولينس سروس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن سان گڏ واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ويو شڪارپور جي سلطان ڪوٽ ويجهو پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس جون ست بوگيون پٽڙي کان هيٺ لهي ويون. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور موجب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي ڪجھ مسافر زخمي ٿيا آھن جن کي ريسڪيو ڪيو ويو آھي جيڪي ھن وقت سول اسپتال شڪارپور ۾ علاج ھيٺ آھن اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيل آھي ٽرين جي سڀني مسافرن کي باحفاظت منزل تائين پهچايو ويو واقعي واري هنڌ ٽرين جي پٽڙي جي مرمت جو ڪم جاري آهي جعفرايڪسپريس ٽرين حادثي ۾ زخمي ٿيلن ۾ محمديونس، محمد شفيق ۽ ٻين سان ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل ابڙو سول اسپتال پھچي عيادت پڻ ڪئي وئي ٻئي پاسي واقعي بعد ريلوي جا بالا عملدار بہ پھچي ويا جنھن بعد حيوي مشينون گھرايون ويو ٽريڪ کي بحالي ۽ پٽڙي تان لھي ويل بوگين کي کڻڻ وارو عمل جاري ھيو انجڻ کي ڪجھ بوگين سان جيڪب آباد اماڻيو ويو
0 تبصرے