English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز: قومي شاهراهه تي خوفناڪ حادثو، 8 ڄڻا زخمي
158 views
|
19th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز قومي شاهراهه تي خوفناڪ ٽرئفڪ حادثو، فرحان ڪوچ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، ڊرائيور سميت 8 مسافر زخمي، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي تفصيلي خبر موجب نوشهرو فيروز قومي شاهراهه تي سني پيٽرول پمپ ويجهو سکر کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ فرحان ڪوچ ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڊرائيور سميت 8 مسافر زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. عيني شاهدن موجب، حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن ڪوچ ڊرائيور گڏھ گاڏي کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪنٽرول وڃائي ويٺو، نتيجي طور سامهون ايندڙ ٽرالر سان زورائتي ٽڪر ٿي پئي. ٽڪر جي شدت سبب ڪوچ جو اڳيون حصو مڪمل طور تباهه ٿي ويو ۽ ڪيترائي مسافر اندر ڦاٿل رهيا، جن کي پوليس ۽ علائقي واسين ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. زخمين ۾ ڊرائيور صدام حسين، بدر علي، اشفاق علي، حاجي خان، غلام مصطفيٰ ۽ ڪامران سميت 8 ڄڻا شامل آهن. زخمين کي سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪيو ويو، جتان ٻن مسافرن کي ڳڻتي جوڳي حالت سبب پيپلز ميڊيڪل ڪاليج اسپتال نوابشاهه ريفر ڪيو ويو. حادثي بعد موٽروي پوليس ۽ ايس ايڇ او نوشهروفيروز واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ آڻي ٽرئفڪ بحال ڪرائي. پوليس مطابق، ابتدائي تحقيق موجب حادثو گڏھ گاڏي کي بچائيندي پيش آيو، پر واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي. عوامي حلقن پاران قومي شاهراهه تي غيرقانوني گڏھ گاڏين ۽ بي احتياطيءَ خلاف انتظاميا کان ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
نوشهروفيروز قومي شاهراهه تي خوفناڪ
0 تبصرے