English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي علمي ادبي شخصيتن پاران ٽي وي چينلن تي ٻارڙن جا پروگرام شروع ڪرڻ جو مطالبو
88 views
|
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڀٽائي آباد ۾ اديب جاويد عباسي جي ٻن ڪتابن لومباس جا بونا ۽ ناني سڦوران ۽ برياني جي مھورتي تقريب ٿي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) علمي ادبي شخصيتن ٺھراءُ پاس ڪندي سنڌي اخبارن ۾ ٻارڙن جا ادبي صفحا بحال ڪرڻ ۽ سنڌي ٽي وي چينلن تان ٻارڙن جا پروگرام شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. علمي ادبي فورم پاران ملير جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ ناليواري اديب ۽ علمي شخصيت جاويد عباسي جي ٻن ڪتابن لومباس جا بونا ۽ ناني سڦوران ۽ برياني جي مھورتي تقريب ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي علمي ادبي فورم جي روح روان پروفيسر مشتاق مھر چيو ته شاھ لطيف کان ڇوٽڪاري جون ڳالھيون ڪندڙ ٻڌي ڇڏن ته ھو سنڌي ٻوليء جو محافظ آھي، ھن عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو ھوندي به سنڌيء ۾ شاعري ڪري سنڌي ٻوليءَ جي مالڪي ڪئي. ھن چيو ته جاويد عباسي ٻارڙن جو ادب تخليق ڪري شاندار ڪم ڪيو آھي. محمد علي پٺاڻ خطاب ڪندي چيو تھ اھو وڏو الميو آھي جو ادبي دنيا ۾ اھڙا ماڻھو موجود آھن، جيڪي لطيف جا انڪاري آھن. ھن چيو تھ جاويد عباسي پنھنجو قلم ٻارڙن لاءِ استعمال ڪري ٻاراڻي ادب کي جياريو آھي. جاويد شيخ خطاب ڪندي چيو ته جاويد عباسي پنھنجي ڪھاڻين ۾ مُحاوريدار ۽ عام فھم ٻولي استعمال ڪئي آھي . ڪتاب جي ليکڪ جاويد عباسي خطاب ڪندي چيو تھ ھن ڪھاڻيون لکيون ناھن،پر لکجي ويون آھن, سندس چوڻ ھو ته مون پنھنجي اندر جو ٻار مرڻ ناھي ڏنو، سنڌي اخبارون ٻارڙن جا صفحا ڪڍن ته رضاڪارڻي نموني ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھيان.صدارتي خطاب ڪندي آءِ او بي ايم يونيورسٽي جي ريڪٽر ڊاڪٽر طارق رحيم سومري چيو ته اھا رسرچ آھي ته جيڪي ٻار ڪتاب پڙھن ٿا، اھي ٻين جي ڀيٽ ۾ ڪافي تيز ھوندا آھن، جاويد عباسي ٻارڙن کي حقيقتيون ٻڌايون آھن، استاد اسڪولن ۾ ٻارڙن کي ڪتاب پڙھي ٻڌائين . تقريب کي عبدالستار رستماڻي، وحيد محسن، جاويد مھر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، جڏھن ته نامياري اديب فتاح ملڪ جي وفات تي دعا گھري وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڀٽائي آباد
ڀٽائي آباد ۾ اديب جاويد عباسي
ملير
0 تبصرے