English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ناليواري شاعر ۽ اديب غفار عبد جي سالگره ملهائي وئي
38 views
|
31st Aug 2025
•
سنڌي خبرون
تقريب ۾ اديبن سياسي سماجي ڪارڪنن طرفان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو
ملیر (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت ملير شاخ پاران عوامي پريس ڪلب ملير ۾ نامور شاعر، اديب ۽ تخليقڪار غفار عبد جي سالگره جب تقريب ملهائي وئي، جنهن ۾ ادبي دوستن ۽ ساٿين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ اديبن سياسي سماجي ڪارڪنن صحافين ڪيڪ ڪاٽي کيس زبردست خراج پيش ڪيو ان موقعي تي منهنجا مارو ملير جا جي اڳواڻ بخشل سيال، عبدالرسول بلالي ،سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد جي سيڪريٽري عرفان عباسي، قومي، عوامي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي، اصغر مهرائي ،سامي ميمڻ، جمشید زھراڻي، قمبر ٻٽ، سڪندر سرواڻ، سينيئر شاعر اقبال شاهين ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته غفار عبد جي شخصيت سنڌي ادب لاءِ هڪ روشن دريءَ جيان آهي، جنهن جا لفظ نه صرف زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي بيان ڪن ٿا پر انساني خوابن ۽ اميدن جا رنگ به ڀرين ٿا هن موقعي تي مقرر جو چوڻ هو ته اصل اديب کي سندس حياتيءَ ۾ ئي عزت، محبت ۽ ساراهه ڏيڻ گهرجي. غفار عبد جو چوڻ هو ته منهنجي چهري تي هميشه رهندڙ مرڪ دوستن عظيم تحفوقرار ڏنو، جيڪا ٻڌائي ٿي ته حقيقي شاعر پنهنجي ڏکن کي لڪائي ٻين لاءِ خوشيءَ جا رنگ ورهائي ٿو.آخر ۾ ادبي ساٿين دعا ڪئي ته خداوند غفار عبد کي صحت، سگھ ۽ وڌيڪ تخليقي زندگي عطا ڪري، جيئن هو پنهنجي لفظن ۽ فڪر سان سماج کي حوصلو ۽ همٿ ڏيندو رهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملیر
0 تبصرے