English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل ٽائون ۾ احتجاج ڪندڙن تي داخل ڪيس ۾ برطرف ملازم جو معصوم پٽ به نامزد
181 views
|
13th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
اسان ڪنهن ايف آءِ آر يا ڪيس کان نٿا ڊڄون، جدوجهد هر حال ۾ جاري رهندي: اڳواڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون گيسٽ هائوس آڏو جبري برطرف ملازمن جي احتجاج تي اسٽيل ملز پوليس پاران ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ علائقي ۾ صورتحال بدستور ڇڪتاڻ واري آهي۔ پوليس غير معمولي تڪڙ ڪندي نه رڳو احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ مزدورن کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو پر برطرف ملازم الله رکيو زرداري جي هڪ سال جي پٽ حماد کي به ايف آءِ آر ۾ شامل ڪري ڇڏيو۔ پوليس جي اهڙي غير ذميوارانه ڪارروائي تي عوامي ۽ سماجي حلقن ۾ سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي۔شهرين جو چوڻ آهي ته هڪ معصوم ٻار کي احتجاجي ڪيس ۾ شامل ڪرڻ ظلم ۽ ناانصافي جي بدترين مثال آهي، جيڪا انساني حقن ۽ انصاف جي تقاضائن جي ڀڃڪڙي آهي۔ٻئي پاسي، ڪيس ۾ نامزد پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن ۽ چونڊيل مڪاني نمائندن مير عباس، رائو صفدر، دهني بخش سمو ۽ ٻين اڄ ملير ڪورٽ ۾ پيش ٿي پنهنجون ضمانتون ڪرائي ڇڏيون عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته "اسان ڪنهن ايف آءِ آر يا ڪيس کان نه ٿا ڊڄون، مزدورن جي حقن جي جدوجهد هر حال ۾ جاري رهندي۔اڳواڻن ٻڌايو ته اڄ پارٽي اڳواڻن ۽ مزدور نمائندن جو هڪ اهم اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايندڙ ڏينهن لاءِ نئون لائحه عمل طئي ڪيو ويندو، جيئن جبري برطرف ملازمن، پاڻي، بجلي ۽ گيس جي بحالي سميت انهن جي حقن لاءِ منظم تحريڪ جاري رکي سگهجي۔واضح رهي ته اسٽيل ملز جا جبري برطرف ملازم ڪيترن ئي ڏينهن کان نوڪرين جي بحالي لاءِ احتجاجي مظاهرا ڪري رهيا آهن، پر اڃا تائين انتظاميا طرفان ڪو به واضح جواب سامهون ناهي آيو۔ عوامي دٻاءَ ۾ واڌ کان پوءِ معاملو هاڻي هڪ نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، ۽ سياسي ۽ سماجي حلقن پاران مطالبو ڪيو پيو وڃي ته حڪومت هن ناانصافي جو فوري نوٽيس وٺي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
اسٽيل ٽائون گيسٽ هائوس آڏو
0 تبصرے