English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پرڏيهه ۾ ويٺل سنڌي سنڌ جي تعليم، صحت، روزگار لاءِ ڪردار ادا ڪن: اياز لطيف پليجو
158 views
|
04th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو ثقافتي ڏينھن جي حوالي سان پروگرام ۾ شرڪت لاءِ جاپان جي شھر اوساڪا پھچي ويو
اوساڪا(م ڊ) قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو سنڌي ايسوسيئيشن آف جاپان جي دعوت تي ثقافتي ڏينھن جي حوالي سان پروگرام ۾ شرڪت لاءِ جاپان جي شھر اوساڪا پھچي ويو. اوساڪا ايئرپورٽ تي سنڌي ايسوسيئيشن آف جاپان جي اڳواڻن اياز لطيف پليجي جو شاندار استقبال ڪري کيس اجرڪون اوڍايون. اڳواڻن سان ڳالھائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته دنيا ۾ پکڙيل جاپان، آمريڪا، برطانيا سميت دنيا ۾ پکڙيل سنڌي ماڻھو سنڌ ۾ ويٺل نوجوانن کي اعلي تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراھم ڪرڻ ۾ مدد ڪن. ميرٽ سان مشڪلاتن جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو. وفاقي حڪومت سنڌ کان لاتعلق آھي. سنڌ کي ڪرپشن ۽ بدامني جي ڪالوني بنايو ويو آھي. سنڌ حڪومت جي ايجنڊا صرف ڪرپشن جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪرڻ آھي. سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪيو پيو وڃي. ميرٽ کي ختم ڪيو ويو آھي. سنڌ ۾ ڊگرين ۽ نوڪرين سميت ھر شئي جو اگھ مقرر آھي. ٻاھر ويٺل سنڌي ماڻھو سنڌ جي تعليم، صحت، روزگار لاءِ ڪردار ادا ڪن. اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمرانن جون معاشي پاليسيون پورھيت دشمن آھن. پاڪستان شفافيت، برابري، رواداري، ميرٽ سان ترقي ڪري سگھي ٿو. معاشي پاليسيون عوام دوست بنائڻيون پونديون. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جا ماڻھو امن، برابري، انصاف، تعليم ۽ معاشي انصاف چاھين ٿا. 27ھين آئيني ترميم عدالت ۽ جمھوريت تي راتاهو آھي. سنڌ جي ثقافت امن، محبت ۽ رواداري واري آھي. سنڌ وسيلن سان مالا مال آھي پر ڪرپشن جي ڪري پوئتي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو ثقافتي ڏينھن
اياز لطيف پليجو
سنڌي ايسوسيئيشن آف جاپان
0 تبصرے