English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد ۾ جر لهي ويو، ڪيترائي بورنگ جا کوهه سُڪي ويا
138 views
|
27th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
واٽر سپلائي بحال نه ٿي، جر لهڻ سبب عمارتن جي هيٺ دٻجڻ جو خطرو وڌي ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي صنعتي ۽ رهائشي علائقي گلشن حديد ۾ زميني پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين هيٺ لهڻ لڳي آهي، جنهن سبب علائقي ۾ لڳايل ڪيترائي بورنگ جا کوه مڪمل طور سڪي ويا آهن۔ ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن واٽر سپلائي نظام کي فوري طور بحال نه ڪيو ويو، ته علائقي ۾ زمين پوري دٻجي ويندي جنهن سان عمارتن جي بنيادن کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي علائقي واسين موجب گذريل ڪجه مهينن کان پاڻي جي شديد کوٽ آهي۔ جيڪي بورنگ اڳ 100 فوٽ تي پاڻي ڏيندا هئا، هاڻي اتي هڪ ڦڙو به نٿو نڪري۔ گلشن حديد جي مختلف سيڪٽرن، خاص طور تي A، B ۽ C علائقن ۾ درجنين گهر، عمارتون ۽ ڪارخانا پاڻي جي کوٽ سبب متاثر آهن۔ رهواسين جو چوڻ آهي ته ٽينڪر مافيا هن صورتحال مان فائدو وٺي پاڻي جا اگهه ٻيڻا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سان عام ماڻهن تي اضافي بار پئجي رهيو آهي ارضياتي ماهرن چيو آهي ته علائقي مان مسلسل بورنگ ۽ زمين مان ضرورت کان وڌيڪ پاڻي ڪڍڻ سبب زمين جي اندر خال (voids) پيدا ٿي رهيا آهن، جيڪي برقرار رهيا ته عمارتن ۾ دراڙون پئجي سگهن ٿيون يا عمارتون هيٺ ويهي سگهن ٿيون۔ سندن چوڻ آهي ته گلشن حديد ڇاڪاڻتہ هڪ ري ڪليم ڪيل علائقي (reclaimed land) تي آباد آهي، تنهنڪري اتي جي زمين جي بناوت اڳ ئي ڪمزور آهي مقامي رهواسين واٽر بورڊ ۽ بلدياتي ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته گلشن حديد لاءِ واٽر سپلائي لائينون فوري طور بحال ڪيون وڃن ۽ علائقي ۾ پاڻي جي زخيرن ۽ زميني سطح تي هنگامي بنيادن تي سروي ڪيو وڃي۔ انهن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته هي مسئلو رڳو پاڻي جي کوٽ تائين محدود نه رهندو پر هڪ ماحولياتي ۽ انساني الميي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو سندن چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ۽ واٽر بورڊ کي گهرجي ته هڪ خصوصي ڪميٽي ٺاهي، گلشن حديد کي "ريڊ الرٽ ايريا" قرار ڏئي، جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گلشن حديد ۾ جر لهي ويو
0 تبصرے