ملير ۾ ڊمپر جي ٽڪر سان موٽر سائيڪل سوار هڪ نوجوان فوت، ٻيو زخمي

ملير ۾ ڊمپر جي ٽڪر سان موٽر سائيڪل سوار هڪ نوجوان فوت، ٻيو زخمي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) لانڍي اسپتال چوڪ وٽ تيز رفتاري ڊمپر ٻن نوجوان موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن تہ ٻيو سخت زخمي ٿي پيو پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو۔ اطلاع ملڻ تي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون ۽ فوتي ۽ زخمي کي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ فوتي نوجوان جي سڃاڻپ ڪاشان ولد محمد اڪمل عمر 20 سال، جڏهن تہ زخمي نوجوان جو نالو جواد ولد محمد رفيق عمر 19 سال ٻڌايو ويو آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جي ذميوار ڊمپر ڊرائيور جي تلاش جاري آهي ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي اکين ڏٺن شاهدن موجب ڊمپر تمام تيز رفتار سان هلي رهيو هو ۽ حادثو اوچتو پيش آيو، جنهن سبب موٽر سائيڪل سوار پاڻ کي بچائي نه سگهيا۔ واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف وهراس پکڙجي ويو ۽ ڪجهه وقت لاءِ ٽريفڪ جي رواني به متاثر رهي۔