عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ تعلقي پٿورو جي رهواسڻ نابالغه نينگري آشه ڪولهي هفتي اڳ کيمون ڪولهي سان گڏ گهران ڀڄي وئي هئي، پر عاشق بي وفائي جو مظاهرو ڪندي کيس بچا بند شهر ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو، واقعي جي اطلاع ملڻ تي وومين پوليس نينگري کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وومين ٿاڻي عمرڪوٽ منتقل ڪيو، پوليس نينگري کي خميس جي ڏينهن سول جج منير احمد جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت، نينگري جي نابالغ هجڻ جي تصديق بعد، کيس چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو، سول جج منير احمد جگسي چائلڊ پروٽيڪشن انچارج ممتاز علي ڀٽي کي هدايت ڪئي ته نينگري کي مڪمل قانوني ۽ سماجي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ذريعن موجب نينگري جي والدين به کيس قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،
0 تبصرے