English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير مان اغوا ڄاڻايل نوجوان ناري مهينو گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهي
66 views
|
01st Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لڪشمي ڪمپني ۾ ڊيوٽي ڪندڙ منيشاء ڌي سڀاڳو مھيشوري کي هٿ نه ڪري سگهي
ملير (عبدالرشيد مورجھريو)ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جي لڪشمي ڪمپني ۾ ڊيوٽي ڪندڙ نوجوان ناري منيشاء ڌي سڀاڳو مھيشوري، رهواسي مجيد ڪالوني، کي 2 ڊسمبر تي مبينا طور آصف پنجابي اغوا ڪري کڻي ويو، جنهن جو اڃان تائين ڪو به ڏس پتو معلوم نه ٿي سگهيو آهي اغوا واري واقعي بابت متاثر نياڻي جي وارثن طرفان پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پر پوليس ايف آئي آر کي اي ڪلاس ڪري رکيو آهي، جنهن سبب واقعي جي جاچ ۾ سنجيدگي نظر نٿي اچي. وارثن پي سڀاڳو ۽ ڀائو ساگر مهينگواڙ جو چوڻ آهي ته آصف پنجابي جي واٽس ايپ نمبر تان منيشاء جون ڪجهه وائيس ميسيجز ۽ مبينا نڪاح نامي جا ڊاڪيومينٽس به موڪليا ويا آهن، پر ان باوجود پوليس اڃان تائين نه منيشاء کي بازياب ڪرائي سگهي آهي ۽ نه ئي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.متاثر خاندان سخت پريشاني ۽ ذهني اذيت جو شڪار آهي ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي، ايف آئي آر کي سنجيده نوعيت ۾ تبديل ڪري شفاف جاچ ڪئي وڃي، جيئن حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ انصاف يقيني بڻجي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون جي لڪشمي
ملير مان اغوا ڄاڻايل نوجوان ناري
منيشاء ڌي سڀاڳو مھيشوري
0 تبصرے