ٺٽي ۽ مڪلي مان ڏينهن جي وقت هيوي ٽريفڪ جي گذرڻ تي مڪمل پابندي

ٺٽي جي عدالت هيوي ٽريفڪ سبب ٿيندڙ حادثن جي حوالي سان فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

ٺٽو (شفيق ڀٽي)فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج / ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ٺٽو، جي معزز جج اسلام الحق آرائين، ٺٽو ۽ مڪلي شهرن اندر هيـوي ٽريفڪ سبب ٿيندڙ بار بار حادثن، قيمتي انساني جانين جي نقصان ۽ پوليس جي غفلت خلاف داخل ڪيل درخواست تي اهم ۽ تاريخي فيصلو جاري ڪندي شهرن اندر هيـوي ٽرالر، ڊمپر، ٽرڪن ۽ آئل ٽينڪرن جي داخلا تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.عدالتي حڪم موجب، جنگشاهي، ستين ۽ ٻين روڊن تان ايندڙ هيـوي گاڏيون ٺٽو ۽ مڪلي شهرن ۾ صرف رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين داخل ٿي سگهنديون، جڏهن ته ڏينهن جي وقت ڪنهن به صورت ۾ هيـوي ٽريفڪ کي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي. عدالت هن حڪم تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي ذميواري ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو حوالي ڪئي آهي.عدالت واضح طور تي حڪم ڏنو آهي ته جيڪڏهن عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪا به هيـوي گاڏي ڏينهن جي وقت شهر ۾ داخل ٿي، ته ايس ايس پي ٺٽو لاڳاپيل پوليس اهلڪارن، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ گاڏي جي ڊرائيور خلاف فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪرائيندو.هي ڪيس نوجوان سماجي اڳواڻ بلال دوساڻي جي درخواست تي داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته پوليس ۽ ٽريفڪ عملدارن جي غفلت، رشوت ۽ غيرقانوني اجازت سبب هيـوي ٽريفڪ شهرن مان گذري رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف حادثن ۾ 6 شهرين جو موت ۽ 15 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا واقعا پيش آيا. عدالت ۾ اهو به آندو ويو ته 18 ڊسمبر 2025ع تي مڪلي ۾ ڊي آءِ جي هوٽل ڀرسان هڪ هيـوي ٽرڪ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو جنھن۾ ٻه نوجوان مارجي ويا.سماعت دوران عدالت، ٽريفڪ سيڪشن ٺٽو جي انچارج پاران قانون بابت لاعلمي ظاهر ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .عدالتي ڪارروائي دوران فريادي بلال دوساڻي سميت ٺٽو پوليس جا عملدار پيش ٿيا. ڪيس جي پيروي نوجوان وڪيل مسٽر قمر عباس چانڊيو ايڊووڪيٽ ڪئي، جنهن عدالتي فورم تي ڀرپور نموني دليل پيش ڪيا.عدالت جي هن فيصلي کي ٺٽو جي وڪيلن، سماجي حلقن ۽ شهرين وڏي فتح قرار ڏيندي چيو آهي ته هي فيصلو انساني جانين جي تحفظ، شهرن جي امن ۽ ٽريفڪ نظام کي بهتر بڻائڻ ڏانهن اهم قدم آهي.