English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: گورنمينٽ اسڪول نبي باغ ڪيمپس ۾ سائنس، آرٽس ۽ ميٿميٽڪس مقابلا
128 views
|
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مقابلي ۾ ڇهين، ستين ۽ اٺين جماعت جي شاگردياڻين تخليقي صلاحيتن، سائنسي سوچ ۽ عملي مسئلا حل ڪرڻ جي مهارتن کي اجاڳرڪيو ويو
يسريٰ انيسا، عائشھ عليزه، آنسھ فرح خالد، هانيه، انعمت، ام حبيبه، مومنه ۽ ماهنور ڪامياب شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ويا مهمانن پاران شاگردياڻين جي محنت ۽ اسڪول انتظاميه جي انتظامن جي واکاڻ، بهترين ڪارڪردگي تي استادن کي پڻ شيلڊز ڏنيون ويون ڪراچي(رپورٽر)گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول، نبي باغ ڪيمپس، منظور ڪالوني، جمشيد ٽائون، ضلعي ايسٽ ڪراچي ۾ تعليمي سال 2025-26 تحت STEAM (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ ميٿميٽڪس) مقابلي جو اسڪول رائونڊ ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو. مقابلي جو مقصد ڇهين، ستين ۽ اٺين جماعت جي شاگردياڻين ۾ تخليقي صلاحيتن، سائنسي سوچ ۽ عملي مسئلا حل ڪرڻ جي مهارتن کي هٿي ڏيڻ هو. مقابلو ٽن اهم ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو، جنهن ۾ شاگردياڻين استعمال ٿيل ۽ ري سائيڪل مواد سان پنهنجا ماڊل تيار ڪيا. ڪيٽيگريز ۾ نيبرهوڊ (مقامي سماجي مسئلا ۽ ماحولياتي حل)، وهيڪل (ٻن ۽ ٽن ڦيٿن وارين گاڏين جا ڊيزائن) ۽ پلي اسڪيپ/پارڪ (پائيدار ۽ تفريحي راندين جا ميدان) شامل هئا. پروگرام جو باقاعده آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو، جڏهن ته تقريب جي ڪمپئرنگ ذونيب علي صاحب ڪئي. هن STEAM تعليم جي اهميت ۽ مقابلي جي مقصدن تي روشني وڌي. شاگردياڻين پاران پيش ڪيل ماڊلز نه صرف تخليقي هئا پر سماج ۾ موجود مسئلن جا عملي حل پڻ پيش ڪري رهيا هئا، جنهن سان سندن انجنيئرنگ ۽ آرٽس سان لاڳاپيل صلاحيتون نمايان ٿيون. مقابلي ۾ خاص مهمان طور شفيق آرائين (تعلقا ايجوڪيشن سيڪنڊري ميل، جمشيد ٽائون) شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻين معزز مهمانن ۾ اشتياق احمد (سابق ڊپٽي ڊي اي او، ضلعي ايسٽ) ۽ مقصود مگسي (رٽائرڊ سينيئر ٽيچر) شامل هئا. مهمانِ خاص هر اسٽال جو دورو ڪري شاگردياڻين جي پروجيڪٽس ۾ گهري دلچسپي ورتي. ججز ڪميٽي، جنهن ۾ ظفر، مقصود مگسي ۽ اشتياء شامل هئا، پروجيڪٽس جو جائزو وٺڻ بعد فاتحن جو اعلان ڪيو. پلي اسڪيپ ڪيٽيگري ۾ يسريٰ انيسا ۽ عائشہ عليزه، نيبرهوڊ ڪيٽيگري ۾ آنسہ فرح خالد ۽ هانيه (واٽر فلٽر)، ۽ وهيڪل ڪيٽيگري ۾ انعمت، ام حبيبه، مومنه ۽ ماهنور (وهيڪل ماڊل) ڪامياب قرار ڏنا ويا. تقريب جي پڄاڻيءَ تي هيڊ مسٽريس طوبيٰ ڪريم معزز مهمانن سان گڏ فاتح شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ۽ سندن ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو. مهمانن پنهنجي تاثرات ۾ شاگردياڻين جي محنت، تخليقي سوچ ۽ اسڪول انتظاميه جي بهترين انتظامن جي واکاڻ ڪئي. پروگرام جي آخر ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن کي پڻ شيلڊز ڏنيون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي: گورنمينٽ اسڪول نبي باغ
0 تبصرے