ٺٽو: ور شهر جي بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ سائنسي تقريب منعقد

سائنسي تقريب دوران شاگردن پاران تيار ڪيل سائنسي ماڊل نمائش لاء پيش ڪيا ويا

ٺٽو: ور شهر جي بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ سائنسي تقريب منعقد

ٺٽو(شفيق ڀٽي)گورنمينٽ بوائيز هائير سيڪنڊري اسڪول ور تعلقو گھوڙاٻاري ۾ اسٽيم مقابلي جي سري هيٺ شاگردن جي سائنسي ۽ تخليقي ماڊلس جي نمائش جي تقريب ٿي گذري جنھن ۾ شاگردن پاران تيار ڪيل سائنسي ماڊل نمائش لاء پيش ڪيا ويا ھن تقريب جا مک مھمان حضور بخش خاصخيلي (ڊي اي او سيڪنڊري) فراز عباسي (سي ايم او ٺٽو) ذيشان پليجو (فوڪل پرسن اسٽريم ٺٽو) ۽ ميڊم گلبانو مڱڻھار (ميمبر ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو) ھئا جنھن شاگردن جي ٺاھيل ماڊلن کي پسند ڪندي تعريف ڪئي ۽ شاگردن کي نقد انعام ڏنا ان موقعي تي ھنن استادن جي شاگردن تي ڪيل محنت جي تعريف ڪندي چيو ته سائنس جي تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي ان موقعي تي ساڻن گڏ ڊاڪٽر ساجد شيخ, لياقت علي چانڊيو صدر پ ٽن الف گھوڙاٻاري ۽ وڏي تعداد ۾ معززين شرڪت ڪئي ۽ شاگردن کي سندن محنت تي ڀرپور داد ڏني آخر ۾ شاگردن کي ڪيش انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا