English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ اتي چڪين کي سرڪاري ڪوٽا تحت ڪڻڪ نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
106 views
|
18th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڪنري تعلقي ۾ اٽي چڪين کي سرڪاري ڪوٽي جي ڪڻڪ فراهم نه ڪرڻ خلاف چڪي مالڪن جو احتجاجي مظاهرو، نعريبازي، خوراڪ کاتي تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ ۽ بدعنواني جا سنگين الزام، رمضان المبارڪ ۾ اٽي جو سخت بحران پيدا ٿيڻ ۽ اٽو وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو. تفصيل موجب ڪنري ۾ سرڪاري ڪوٽا جي ڪڻڪ فراھمي نه ٿيڻ خلاف آٽا چڪي ايسوسيئيشن جي سڏ تي چڪي مالڪن نيشنل پريس ڪلب ڪنري آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي صدر منير آرائين، روهت ڪمار، عرفان عباس، هريش ڪمار، عارف آرائين ۽ ٻين چيو ته خوراڪ کاتي جي لاپرواھي عروج تي آھي، گذريل مهيني کين اڌ ڪوٽا جي ڪڻڪ فراھم ڪري باقي ڪڻڪ خوراڪ کاتي وارن وڪرو ڪري ڇڏي، جڏهن ته هلندڙ مهيني کين هڪ به ٻوري فراهم نه ڪئي وئي آهي. هنن الزام هنيو ته ڊي ايف سي ۽ لاڳاپيل انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ڪنري جي ڪڻڪ وڪرو ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي کين ٻين ضلعن مان ڪڻڪ ڏيڻ جا ڪوڙا آسرا ڏنا پيا وڃن. ڪڻڪ جي سخت کوٽ سبب مارڪيٽ ۾ اٽو مهانگو ٿي ويو آهي ۽ هن وقت اٽو 120 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان پڻ آهي. چڪي مالڪن جو چوڻ هو ته انسپيڪٽر زبردستي ۽ هٺ ڌرمي سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سرڪاري ڪوٽو فراهم نه پيو ڪيو وڃي. هنن چيو ته ضلعي ۽ مقامي انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪرڻ باوجود ڪا به ٻڌڻي نٿي ٿئي، جڏهن ته خوراڪ کاتي طرفان ڪنهن به قسم جو سهڪار نٿو ڪيو وڃي. رمضان المبارڪ جهڙي مقدس مهيني جو به ڪو لحاظ نٿو رکيو وڃي ۽ رشوت خوري عام ٿي چڪي آهي. چڪي مالڪن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور سرڪاري ڪوٽي جي ڪڻڪ فراهم نه ڪئي وئي ته هو چڪيون بند ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، جنهن جي سموري ذميواري خوراڪ کاتي جي عملدارن تي عائد ٿيندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
ڪنري ۾ اتي چڪين کي سرڪاري
0 تبصرے