ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)عيد جي ٽئين ڏينھن عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون، سينيئر نائب صدر محمد عمر سرائي، جنرل سيڪريٽري اي بي شورو، نائب صدر عبيدالله جماري ۽ مختيار جان چانڊيو وفد جي صورت ۾ سنڌ سلامت سومرا منزل تي پهچي، اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عيد جون واڌايون پيش ڪيون۔ ملاقات دوران ٺٽي جي اهم معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ضلعي ۾ هلندڙ اهم مسئلن جي نشاندهي پڻ ڪئي۔ خاص طور تي ٺٽي ۾ نظرانداز ٿيندڙ ٿيليسيميا سينٽر ۽ ٽراما سينٽر جهڙين اهم اسڪيمن جي مڪمل ۽ فنڪشنل نہ ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو۔ سندس چوڻ هو ته: “ماڻهن جي ڀلائي لاءِ شروع ڪيل منصوبن جي تڪميل لاءِ فوري ۽ سنجيده قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.”ان موقعي ت پ پ تعلقي ٺٽي جو صدر عبدالحميد سومرو پڻ موجود ھو
0 تبصرے