ٿر، مور ۽ ڪائنات جي حسين تخليق سنڌ

سليم جتوئي

ٿر، مور ۽ ڪائنات جي حسين  تخليق سنڌ

ٿر جي واري چلڪي واري،
سندر ناري پيرين پيادي
توکي به شرمائيندي
جڏھن ڏسندي نيڻ کڻي
اي! چنڊ ٻڌاء توکي سنڌ وڻي.
سنڌ، جيڪا صدين کان پنهنجي سونهن، ثقافت ۽ فطري حسن سبب “سون ورني ڌرتي” سڏبي رهي آهي، ان جو هر خطو پنهنجي اندر هڪ الڳ دنيا سمايل رکي ٿو. اتر کان وٺي ڏکڻ تائين، جبلن کان وٺي وارياسن پٽن تائين، سنڌ جي زمين رنگن، خوشبوئن ۽ حياتي سان ڀرپور آهي. پر جڏهن سنڌ جي فطري سونهن جو ذڪر ڪجي ٿو، تڏهن ڪجهه علائقا خاص طور تي نمايان ٿي بيهن ٿا، ۽ انهن ۾ ٿرپارڪر سرِ فهرست آهي.
سنڌ جي طبعي ورهاست کي سمجهڻ سان ئي ان جي حسن جي گهراين تائين پهچي سگهجي ٿو. عام طور سنڌ کي سرو، وچولو، لاڙ، ڪوهستان، ڪاڇو ۽ ٿر جهڙن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو. انهن سڀني علائقن مان ٿرپارڪر پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو، جتي وارياسن جي وسعت، رنگين ثقافت ۽ فطري حياتي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل نظر اچن ٿا. ٿرپارڪر کي قدرت خاص نعمتن سان نوازيو آهي. هتي جي سادي زندگي، ماڻهن جي محبت، ۽ فطرت سان ويجهڙائپ ان کي ٻين علائقن کان منفرد بڻائي ٿي. پر هن خطي جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ مور پکي آهي، جيڪو حسن، رنگن ۽ فطرت جي جماليات جو جيئرو مثال آهي. مور نه رڳو هڪ پکي آهي، پر ٿر جي سڃاڻپ، ثقافت ۽ حسن جو علامتي نشان بڻجي چڪو آهي. ننڍپڻ ۾ اسان مان ڪيترن ئي ماڻهن مور بابت مختلف روايتي ڳالهيون ٻڌيون آهن، جهڙوڪ اهو ته مور پاڪ پکي آهي ۽ ان جي واڌ ويجهه ڪنهن الڳ طريقي سان ٿيندي آهي. پر حقيقت ۾ مور به ٻين پکين وانگر فطري اصولن تحت نسل وڌائيندو آهي. اهڙيون ڳالهيون صرف روايتي عقيدن ۽ قصن ڪهاڻين تائين محدود آهن. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ اهو ئي مور، جيڪو ٿرپارڪر جي سونهن جو مرڪز هو، ڪيترن ئي خطرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. وڻن جي بي رحماڻي واڍي، غير قانوني شڪار، پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ، ۽ موسمي تبديليون هن حسين پکي جي بقا لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪيون آهن.
انهن خطرن ۾ سڀ کان اهم ۽ خطرناڪ بيماري “راني کيت” يا نيو ڪاسل ڊزيز آهي، جيڪا هڪ وائرل بيماري آهي ۽ پکين ۾ تيزي سان پکڙجي ٿي. هن بيماري جون علامتون ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، ڳچيءَ جو مروڙجڻ، ڪمزوري، بک ختم ٿيڻ ۽ آخرڪار موت تائين پهچن ٿيون. جيڪڏهن بروقت علاج نه ڪيو وڃي ته هي بيماري وڏي تعداد ۾ مور پکين جي موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ٿر جي ماحولياتي حالتن به هن صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي. سياري کان پوءِ جڏهن گرمي وڌي ٿي، تڏهن گاهه سڪي وڃن ٿا، پاڻي جا ذريعو گهٽجي وڃن ٿا، ۽ جهنگلي جيوت لاءِ زندگي ڏکي ٿي وڃي ٿي. غذائيت جي کوٽ سبب مور ڪمزور ٿي وڃن ٿا، جنهن ڪري بيماريون انهن تي جلدي اثرانداز ٿين ٿيون.ان کان علاوه، جديد ترقي جي نالي تي ٿيندڙ تبديليون به هن فطري نظام کي متاثر ڪري رهيون آهن. اربنائيزيشن، ٻيلن جي تباهي، ۽ پاڻي جي قدرتي ذريعن جو ختم ٿيڻ جهنگلي جيوت لاءِ وڏو خطرو بڻجي چڪا آهن. اڳي کوهن ۽ اواڙن تي جانورن ۽ پکين لاءِ پاڻي موجود هوندو هو، پر هاڻي اهي روايتون تقريباً ختم ٿي ويون آهن. سوال اهو آهي ته آخر اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟ ڇا اسان رڳو تماشائي بڻجي پنهنجي فطري ورثي کي ختم ٿيندي ڏسنداسين، يا ان جي بچاءَ لاءِ عملي قدم کڻنداسين؟
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فوري طور تي سنجيده قدم کنيا وڃن. وڻن جي واڍي روڪي وڃي، نوان وڻ پوکيا وڃن، شڪار تي سختي سان پابندي لاڳو ڪئي وڃي، ۽ مور سميت ٻين جهنگلي جيوت لاءِ پاڻي ۽ خوراڪ جو بندوبست ڪيو وڃي. ان سان گڏوگڏ بيمارين جي روڪٿام لاءِ وٽرنري سهولتن کي بهتر بڻائڻ به انتهائي ضروري آهي. هتي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته مور پکي صرف هڪ جاندار نه آهي، پر اهو اسان جي ثقافت، سڃاڻپ ۽ فطرت جي حسن جو اهم حصو آهي. جيڪڏهن اڄ اسان ان جي حفاظت نه ڪنداسين، ته شايد ايندڙ نسلن لاءِ اهو صرف تصويرن ۽ ڪتابن تائين محدود ٿي وڃي. آخر ۾ اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته فطرت اسان جي امانت آهي، ۽ ان جي حفاظت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به نه جاڳياسين ته سڀاڻي شايد تمام گھڻي دير ٿي چڪي هوندي..