ٽي اي او فيميل آفيس کان اقصي مسجد تائين پڙھندي سنڌ تہ وڌندي سنڌ جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي
شڪارپور( احسان ابڙو) شڪارپور ڊي اي او ايجوڪيشن پرائمري ۽ ٽي اي او فيميل طرفان ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلائون وٺي ڏيڻ جي حوالي سان جاڳرتا مھم ريلي ڪڍي وئي,جاڳرتا ريلي ٽي اي او فيميل آفيس کان اقصي مسجد تائين پڙھندي سنڌ تہ وڌندي سنڌ جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي,ريلي ۾ ڊي اي او پرائمري ايجوڪيشن سعد اللہ ڀيو,ٽي اي او في ميل پرائمري آپا طلعت فاطمہ,آر ايس يو انچارج عبيداللہ مھر ۽ مختلف اسڪولن جي ايڇ ايم ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ھن وقت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار ڪافي بھتر آھي,اسان والدين کي اھا درخواست ڪنداسين تہ پنھنجي ٻارڙن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلائون وٺي ڏين, ھن وقت سنڌ اندر تعليم جي معيار کي بھتر بڻائڻ لاء سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتو جوڳا قدم کڻي رھيو آھي,تدرسي عمل اڳ کان ڪافي بھتر ٿيو آھي,سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتاب,فرنيچر سميت بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن پيون,شڪارپور ضلعي اندر پرائمري اسڪولن ۾ معياري تعليم ڏني وڃي پئي,جاڳرتا ريلي جو مقصد والدين تائين پيغام پھچائڻ آھي جيئن ھو مستقبل جي معمارن کي معياري تعليم ڏيارين جيئن ھو تعليم پرائي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري سگھن,ريلي ۾ مسيع الدين شيخ,يونس لاکو, محمد انور صديقي سميت شھر جي مختلف اسڪولن جي ايڇ ايم ۽ شاگردياڻين,شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے