پ پ حڪومت اسان جي ماڻهن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، وقت بدلو، اسان به بدلو وٺنداسين: مسرور جتوئي

پ پ حڪومت اسان جي ماڻهن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، وقت بدلو، اسان به بدلو وٺنداسين: مسرور جتوئي

نوشهروفيروز(ڊ ر)اين پي پي اڳواڻ مسرور احمد جتوئي جي نوان جتوئي ۾ پنهنجي هائوس تي پريس ڪانفرنس اڳوڻي صوبائي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پ پ پ وارا هاڻي سياسي انتقام تي لهي آيا آهن جن کي اسان جي ڪاميابي طرف ويندڙ وک هضم نه پئي ٿئي هاڻي ڪوبه ماڻهو اسان جو پروگرام ڪري ته ان جي ملڪيتن تي قبضو ڪيو وڃي ٿو يا وري انهيءَ جي پراپرٽي کي قبضو ڄاڻائي مسمار ڪيو ٿو وڃي اها ڪهڙي طريقي جي سياست آهي جو مخالفن کي برداشت نه پيو ڪيو وڃي هن چيو ته غلام حيدر مري اسان جو پراڻو ساٿي آهي جنهن جا وڏا اسان جي وڏن سان تعلق رهيو ۽ هو نيشنل پيپلزپارٽي جو شهيد بينظير آباد جو ڊويزنل صدر ان جو ڏوھ اهو آهي ان نيشنل پيپلزپارٽي جي سربراهه جو پروگرام ڪيو ته ان خلاف سياسي انتقامي ڪارروائي ڪئي وئي جيڪو غلط عمل آهي هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي وارن انتقامي وارو جيڪو سلسلو شروع آهي اهي ان ڏينهن کان ڊڄن جنهن ڏينهن هنن جي حڪومت ويندي هي غريب ماڻهن سان ايترو ظلم ڪن سڀاڻي جيترو صحيح سگهن هي جيترو به ماڻهن کي اسان کان روڪيندا عوام اوترو کي اسان کي چاهيندو ضياء لنجار 2013 کان 2018 تائين هي سيٽ نه کٽي سگهيو 2024 ۾ ايڊوانس ۾ 50 هزار ووٽ دٻن ۾ وجهرائي ڌانڌلي ڪرائي سيٽ حاصل ڪئي سندس ڪو به بيڪ گرائونڊ ناهي سنڌ جو ماڻهو هاڻي انهن مان بيزار ٿي چڪو آهي جيڪو ايندڙ اليڪشن ۾ کين ناڪام بڻائيندو