ملير کُوکرا پار ۾ پاڻ کي مبينا طور گولي هڻندڙ سجاد منگي دم ڏئي ڇڏيو

ملير کُوکرا پار ۾ پاڻ کي مبينا طور گولي هڻندڙ  سجاد منگي  دم ڏئي ڇڏيو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي کوکراپار ۾ حيدر ڪرار سوسائٽي ڀرسان پاڻ کي گولي هڻي سخت زخمي ٿيندڙ شخص علاج دوران فوت ٿي ويو. پوليس موجب واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن هڪ شخص مبينا طور اڻڄاتل سببن ڪري پاڻ تي گولي هلائي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو اهلڪار فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو.ڊاڪٽرن موجب زخمي شخص جي حالت انتهائي نازڪ هئي ۽ هو زخمن جي سٽ نه سھندي علاج دوران فوت ٿي ويو پوليس موجب فوتي شخص جي سڃاڻپ سجاد ولد ناظم منگي طور ٿي آهي، جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 40 سال ٻڌائي پئي وڃي. ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي اصل سببن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته فوتي جي گهرڀاتين ۽ ويجهن ماڻهن کان به معلومات حاصل ڪئي پئي وڃي ته جيئن هن افسوسناڪ واقعي جا اصل سبب سامهون اچي سگهن.مرحوم سجاد منگي مشهور وڪيل ايڊووڪيٽ ساجد منگي ۽ ايڊووڪيٽ فرحان منگي جو ڀاءُ، جڏهن ته ايڊووڪيٽ نديم منگي جو سالو هو. سندس وفات جي خبر سان گهرڀاتين، دوستن ۽ قانوني حلقن ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر ڇانئجي وئي آهي.واضح رهي ته ملير ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل ڪجهه عرصي دوران مختلف نوعيت جا واقعا رپورٽ ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ گهريلو تڪرار، مالي مشڪلاتن ۽ ٻين سماجي مسئلن سبب پاڻ کي نقصان پهچائڻ يا خودڪشي جهڙا واقعا پڻ سامهون ايندا رهيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر پهلو کان جاچ جاري آهي