ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران ضلعي ۾ مختلف علائقن جا دورا

ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت سرڪٽ هائوس مڪلي جو به دورو ڪيو

ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران ضلعي ۾ مختلف علائقن جا دورا

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جا اهم قدم، آڊيٽوريم، ايس آر ٽي سي بس اسٽينڊ ۽ سرڪٽ هائوس جي بهتري لاءِ هدايتون ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت ضلعي ۾ مختلف ترقياتي ۽ عوامي سهولتن سان لاڳاپيل هنڌن جا دورا ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. هن سالن کان التوا جو شڪار زيرِ تعمير آڊيٽوريم جو دورو ڪري لاڳاپيل آفيسرن کان بريفنگ ورتي ۽ هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم جلد شروع ڪري منصوبي کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪم دوران معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو وڃي. ان موقعي تي هن 15 سالن کان بند پيل پراڻي ايس آر ٽي سي بس اسٽينڊ جو به دورو ڪري آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ان جي فوري بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن ته جيئن مسافرن کي بهتر سهولتون ملن ۽ شهر ۾ ٽريفڪ مسئلا گهٽجن. ڊپٽي ڪمشنر سرڪٽ هائوس مڪلي جو پڻ دورو ڪيو جتي هن عمارت جي حالت ۽ موجود سهولتن جو جائزو ورتو ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته سرڪٽ هائوس جي تزئين و آرائش لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ته جيئن عمارت کي بهتر حالت ۾ بحال ڪري سگهجي. ٻئي پاسي ضلعي جي عوام ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو جي انهن قدمن کي ساراهيندي چيو آهي ته ٺٽي جي تاريخ ۾ وڏي عرصي کانپوءِ ڪو اهڙو ڊپٽي ڪمشنر آيو آهي جيڪو عملي طور تي ڪم ڪندي نظر اچي رهيو آهي. شهرين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اهڙي ريت ترقياتي منصوبن تي ڌيان ڏنو ويو ته ضلعي ۾ ڪيترائي پراڻا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. عوام اميد ظاهر ڪئي آهي ته ضلعي جي بهتري ۽ عوامي سهولتن لاءِ اهڙا قدم مستقبل ۾ به جاري رهندا.