English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي وڪيلن ۽ پوليس ۾ جھيڙو، ڪيترائي وڪيل گرفتار
281 views
|
06th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ايس پي ملير ۽ ملير بار جو صدر به جهيڙي واري هنڌ پهچي ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي علائقي ميمڻ ڳوٺ ۾ قائم پوليس ٿاڻي تي وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ ۽ جھيڙي جي صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن کان پوءِ پوليس ڪجهه وڪيلن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ٿاڻي تي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي آهي اطلاعن موجب وڪيلن جي وڏي تعداد ڪنهن معاملي تي احتجاج ڪندي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي پهتي، جتي پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ تلخ ڪلامي کان پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي ڇڪتاڻ دوران ڌرين وچ ۾ ڏند چڪ بعد پوليس۽ وڪيل ٻکين پئجي ويا جنهن کان پوءِ پوليس صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪارروائي ڪندي ڪجهه وڪيلن کي ٿاڻي اندر بند ڪري ڇڏيو واقعي جي اطلاع ملندي ئي ضلعي ملير جي سينيئرسپرنٽنڊنٽ آف پوليس عبدالخالق پيرزادو فوري طور ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي پهچي صورتحال جو جائزو ورتو پوليس اختيارين موجب ٿاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ وڌيڪ نفري پڻ طلب ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان بچي سگهجي ذريعن موجب ملير بار ايسوسيئيشن جو صدر ارشاد شر ۽ ٻيا وڪيل اڳواڻ به ٿاڻي تي موجود آهن ۽ پوليس اختيارين سان ڳالهيون جاري آهن ته جيئن معاملو پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته صورتحال هن وقت ڪنٽرول ۾ آهي، جڏهن ته علائقي ۾ اڃا به ڇڪتاڻ موجود آهي۔ وڪيل برادري پنهنجي ساٿين جي آزادي ۽ واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪري رهي آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي ڳوٺ سمون خان چنو واسڻ عورت ستن مھينن کان پراسرار نموني گم
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڪينجھر ڍنڍ ڪناري ھيلايا جي ڳوٺ حاجي جعفر ھيلايو واسي استاد جو احتجاج
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي نوشھروفيروز جي صدارت ھيٺ ممتا پروگرام بابت اجلاس
07th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مهانگائي ۽ پيٽرول ليوي خلاف جماعت اسلامي جا ڌرڻا، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايس پي ملير ۽ ملير بار جو صدر به
0 تبصرے