عمرڪوٽ ۾ اين سي ايڇ ڊي استادن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

استادن الھداد کوسو تلجارام ڀيل امجد ڪپري تاج محمد پلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو

عمرڪوٽ ۾ اين سي ايڇ ڊي استادن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ ضلعي جي 143 اين سي ايڇ ڊي جي استادن کي پگھارون نه مليون پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڌرڻي جو چتاءُ تفصيل موجب پريس ڪلب آڏو الھداد کوسو تلجارام ڀيل امجد ڪپري تاج محمد پلي خميسو سميجو ۽ خدابخش آريسر جي اڳواڻي ۾ استادن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بئنر کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو احتجاج ڪندڙ استادن سخت نعريبازي پڻ ڪئي ھنن چيو ته ٽي سال اڳ اين سي ايڇ ڊي استادن کي وفاقي سرڪار سنڌ جي تعليم کاتي حوالي ڪيو پر اسانکي مستقل نٿو ڪيو وڃي پگھارن لاء به ٽي ٽي مھينا رلايو وڃي ٿو سنڌ جو تعليم کاتو اين سي ايڇ ڊي مان سنڌ سرڪار حوالي ٿيل سوين استادن جي خاندانن کي بک بدحالي ۽ فاقاڪشي کان بچائي کين مستقل ڪري ھنن چيو ته تعليم واري وزير سيد سردار علي شاھ کي پنھنجي اباڻي ضلعي جي 143 استادن کي حق ڏيارڻ لاء ڪردار ادا ڪرڻ کپي ۽ فوري طور تي سيڪريٽري تعليم کي ھدايتون ڏئي سمورن اين سي ايڇ ڊي مان آيل استادن کي پڪو ڪرڻ لاء رپورٽ تيار ڪري مستقلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرائڻ لاء ڪردار ادا ڪرڻ کپي ھنن چيو ته عيد ويجھو اچي پئي ٽن مھينن کان پگھارون نه مليون آھن ٻچا فاقا ڪشي بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن وڏو وزير تعليم وارو وزير ۽ اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڪرائين