قومن جي ترقي اعليٰ اخلاق، انصاف ۽ محبت سان ٿيندي آهي: سيد غلام حيدر شاھ

خانقاه آشيانه قلندري ڪنري ۾ "اخلاقيات" جي موضوع تي عظيم الشان محفلِ درود پاڪ منعقد

قومن جي ترقي اعليٰ اخلاق، انصاف ۽ محبت سان ٿيندي آهي: سيد غلام حيدر شاھ

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) قومن جي ترقي صرف دولت يا ٽيڪنالاجي سان نه، پر اعليٰ اخلاق، انصاف ۽ محبت سان ٿيندي آهي: سيد غلام حيدر شاھ قلندري خانقاه آشيانه قلندري ڪنري ۾ "اخلاقيات" جي موضوع تي عظيم الشان محفلِ درود پاڪ جو انعقاد.موجوده دور جي فڪري انتشار ۽ اخلاقي زوال جو واحد حل قرآن ۽ سنت جي تعليمات تي عمل ڪرڻ ۾ آهي: سرواڻ انجمنِ غلامانِ قلندر. محفل ۾ عاشقانِ رسول ﷺ جي وڏي تعداد ۾ شرڪت، مشهور نعت خوانن پاران عقيدت جا گل پيش. سماجي، صوفياڻي ۽ روحاني جماعت انجمنِ غلامانِ قلندر ويلفيئر پاڪستان پاران خانقاه آشيانه قلندري ڪنري ۾ "اخلاقيات" جي موضوع تي هڪ عظيم الشان محفل ۽ هديۂ ڪثرتِ درود پاڪ جو پروگرام منعقد ڪيو ويو. ان روحاني محفل ۾ عاشقانِ رسول صل الله عليہ والہ وسلم جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.پروگرام کي خاص خطاب ڪندي انجمنِ غلامانِ قلندر ويلفيئر پاڪستان جي سرواڻ سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندري چيو ته موجوده دور جي فڪري انتشار، ماديت، نفرتن، بيحسي ۽ اخلاقي زوال جي ماحول ۾ انسانيت کي جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي ته اها اعليٰ اخلاق آهن. اخلاق ئي انسان کي عزت، سماج کي سڪون ۽ قومن کي عظمت عطا ڪن ٿا."سائين سيد غلام حيدر شاھ قلندري وڌيڪ چيو ته اسلام هڪ مڪمل ضابطۂ حيات آهي، جنهن انسان کي عبادتن سان گڏ اعليٰ اخلاق جو به درس ڏنو آهي. قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ جو واضح ارشاد آهي ته 'ماڻهن سان سهڻي ۽ نرم گفتگو ڪريو'. پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجي سڄي زندگي مبارڪ ذريعي اخلاقِ حسنہ جو عملي نمونو پيش ڪيو ۽ فرمايو ته 'بيشڪ مون کي اعليٰ اخلاق جي تڪميل لاءِ موڪليو ويو آهي'. ان سلسلي ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته 'اخلاق انسان جو اهو زيور آهي، جيڪو هر دولت کان وڌيڪ قيمتي آهي'سندن جو چوڻ هو ته اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ قرآن ۽ سنت جي اخلاقي تعليمات کي اختيار ڪريون، ڇو ته قومن جي ترقي صرف ٽيڪنالاجي يا دولت سان نه، پر اعليٰ اخلاق، انصاف، محبت ۽ انسانيت سان ٿيندي آهي.پروگرام دوران ملڪ جي مشهور نعت خوانن علي بخش سولنگي ۽ طارق چارڻ سرورِ ڪائنات ﷺ جي شانِ اقدس ۾ عقيدت جا گل پيش ڪيا، جنهن تي پنڊال ۾ موجود ماڻهن تي وجداني ڪيفيت طاري ٿي وئي. پروگرام جي آخر ۾ آيل مهمانن ۽ عقيدتمندن لاءِ وسيع لنگر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو.