سنڌو درياءَ ۾ پاڻي کوٽ باوجود پلي جي شڪار ۾ اضافو

پلي جي شڪار سبب مھاڻن جي منھن تي مرڪون موٽي آيون

سنڌو درياءَ ۾ پاڻي کوٽ باوجود پلي جي شڪار ۾ اضافو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) سنڌو درياء ۾ پاڻي جي کوٽ ھجڻ باوجود پلي مڇي جي شڪار ۾ اضافو ٿي رھيو اھي، جنھن ڪري ماھيگيرن جي منھن تي مرڪون موٽي آيون آھن، سنڌو درياء ۾ شڪار ٿيندڙ پلو ھڪ ڪلو کان 3 ڪلو تائين ٺٽي جي مڇي مارڪيٽ جي مختلف پڙين تي نيلام ٿيندو رھي ٿو، مڇي مارڪيٽ ٺٽي ۾ مڇي جي واپاري عبدالعزيز گندرو جي مڇي واري پڙي تي ھڪ پلو ھڪ ڪلو جو ساڍا 6 ھزار روپين ۽ ھڪ پلو ڏيڍ ڪلو وارو ساڍا 9 ھزار روپين ۾ نيلام ڪيو ويو اھي، جڏھن تہ ننڍا پلا تہ ھونئن ئي روزانو ٺٽي واري مڇي مارڪيٽ جي مختلف پڙين تي وڏي تعداد ۾ وڪرو ٿين ٿا، پر وڏو پلو قسمت سان اچي ٿو، جنھن جو وڏو سبب سنڌو درياء ۾ مٺو پاڻي نہ اچڻ آھي، جيڪڏھن وقت سر سنڌو درياء ۾ پاڻي اچي وڃي تہ ماھيگيرن جي روزگار ۾ پڻ اضافو ٿي ويندو ۽ ھو خوشحال زندگي گذاري سگھندا، ان موقعي تي مڇي پلي جي واپاري عبدالعزيز گندرو ٻڌايو تہ پلو سمنڊ ۽ درياء جي مڇي اھي، جيڪا سمنڊ ۾ درياهه جي ڇوڙ ڪرڻ وقت اتان آنن ۽ ٻچن ڏيڻ لاءِ درياهه ۾ اچي ٿي، پلو سنڌ کان سواءِ ڀارت، بنگلاديش، برما، ايران، عراق ۽ سريلنڪا جي درياهن ۾ پڻ ملندو آهي. پر سنڌ جي پلي جو سواد ٻين هنڌن تي ملندڙ ساڳئي قسم کان ڪي قدر مختلف هوندو آهي. ھن چيو تہ پلو سنڌو درياهه ۾ مئي مهيني کان سيپٽمبر ڌاري ايندو آهي. جڏهن درياهه ۾ گهڻو تيز وهڪرو ۽ چاڙهه هوندو آهي، تڏهن پلو درياهه ۾ آنا لاهڻ لاءِ ايندو آهي. آنيءَ وارو پلو مادي هوندو آهي ۽ هڪ اندازي مطابق اڍائي ڪلو وزن جي ماديءَ جي آنيءَ ۾ چاليهه کان پنجاهه لک آنا هوندا آهن. جنهن کي اسان کيرو پلو چوندا آهيون، اهو اصل ۾ نر هوندو آهي. مادي آنا لاهيندي ويندي آهي، اٽڪل 18 کان 26 ڪلاڪن کان پوءِ آنن مان ٻچا ڦٽڻ لڳندا آهن، جيڪي درياهه جي تيز وهڪري سبب وهي وڃي سمنڊ ۾ پوندا آهن ۽ وري جڏهن بالغ ٿيندا آهن، تڏهن وري سمنڊ کان مٺي پاڻيءَ ۾ ايندا آهن، ھن چيو تہ پاڪستان ۾ پلو ملتان تائين به رڪارڊ ٿيل آهي. بئراجن کان اڳ پلو ٿوري وقت ۾ سمنڊ مان سکر تائين پهچندو هو. ٻين جاندارن وانگر مڇيءَ جي هر جنس ۾ نرماد ٿين ٿا، پر سواءِ ڪن ٿورين جنسن جي ٻين مڇين جا نر- ماد ڏسڻ سان سڃاڻي نٿا سگهجن. پلي جي ماديءَ جي سڃاڻپ عام طور معلوم آهي، جو کيرو پلو، جنهن جي پيٽ ۾ آني ڪانهي، سو نر آهي ۽ آنيارو (آنيءَ وارو پلو) مادي هوندو آهي، پر اها سڃاڻپ آنيءَ جي هئڻ يا نه هئڻ جي لحاظ سان آهي. هيءُ مقرر موسم تي درياهه ۾ چڙهي ايندو آهي. ھن گھر ڪئي تہ سنڌو درياء سميت سمورن واھن ۾ پنھنجي حصي جو پاڻي ڇڏي ماھيگيرن توڙي آبادگارن، ھارين، فش فارمرز جو روزگار بچايو وڃي، جيئن ھو بھتر زندگي گذاري سگھن.