نوشهروفيروز (ڊ ر)ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو جي هدايتن تي مورو پوليس شادي جي نالي تي فراڊ ۾ ملوث هڪ گروهه خلاف ڪامياب ڪارروائي ڪندي 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ خير محمد ولد محبت خان پتافي، محمد حنيف ولد خير مبارڪ پتافي، اويس ولد خير مبارڪ پتافي، ارشد ولد خير مبارڪ پتافي، صغران زال خير محمد پتافي، ناديه ڌيءَ خير محمد پتافي ۽ شائسته ڌيءَ خير محمد پتافي شامل آهن، جيڪي بدر ڪالوني دادو جا رهواسي آهن. پوليس موجب جوابدارن گڏجي مبينا طور مسمات ناديه ۽ مسمات شائسته جا رشتا ڏيئي رقم وصول ڪئي ۽ بعد ۾ فراڊ ڪيو. واقعي بابت ٿاڻو مورو ۾ جوابدارن خلاف قلم 420، 406 ۽ 34 پاڪستان پينل ڪوڊ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ضلعي پوليس جي ترجمان شوڪت علي ڪلو موجب واقعي جي مختلف پهلوئن کان جاچ جاري آهي.
0 تبصرے