شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان

شوڪت علي ڪلو

شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان

قومون پنهنجي تاريخ انهن بهادر ماڻهن جي رت سان لکنديون آهن، جيڪي پنهنجي ڌرتي، عوام ۽ قومي وقار جي حفاظت خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪندا آهن. يومِ شھداء اسان کي انهن عظيم انسانن جي لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿو، جن پنهنجي رت سان امن، آزادي ۽ سلامتيءَ جي شمع روشن رکي. هي ڏينهن صرف هڪ تقريب نه، پر وفا، حب الوطني، ايثار ۽ قومي غيرت جي تجديد جو ڏينهن آهي.
شھادت اسلام ۾ سڀ کان اعليٰ درجن مان هڪ آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي:
"۽ جيڪي الله جي راهه ۾ قتل ڪيا وڃن، تن کي مئل نه چئو، بلڪه اُهي زنده آهن، پر اوهان کي شعور ناهي."
(سورة البقره: 154)
هي آيت واضح ڪري ٿي ته شهيد ڪڏهن به نٿا مرن، پر پنهنجي رب وٽ زنده ۽ باعزت آهن. شهيدن جو رت قومن جي آزادي، سلامتي ۽ روشن مستقبل جي ضمانت بڻجي ويندو آهي.
اسان جا بهادر فوجي، پوليس، رينجرز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا جوان، ڏينهن هجي يا رات، سخت گرمي هجي يا سردي، هر حال ۾ پنهنجي فرض جي ادائيگي لاءِ سرگردان رهن ٿا. سنڌ پوليس جا اهي دلير سپاهي، جن دهشتگردي، ڏوهن، بدامني ۽ امن دشمن عنصرن خلاف وڙهندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، سي سنڌ ڌرتيءَ جا سچا هيرو آهن. سندن بهادري، فرض شناسي ۽ قرباني تاريخ جي سنهري ورقن تي هميشه لاءِ نقش رهندي.
شهيدن جون قربانيون اسان کي اهو سبق ڏين ٿيون ته وطن جي سلامتي، عوام جي تحفظ ۽ قانون جي بالادستي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ ئي حقيقي حب الوطني آهي. اهي عظيم انسان پنهنجي رت سان اسان کي اهو پيغام ڏئي ويا آهن ته فرض کان وڏو ڪو به اعزاز ناهي.
مون لاءِ شھادت جو تصور صرف ڪتابن تائين محدود ناهي، پر منهنجي زندگيءَ جو حصو آهي. مون کي فخر آهي ته آئون هڪ شهيد پيءُ، محمد مٺل ڪلو جو فرزند آهيان. سال 2014ع ۾ هالاڻي شهر ۾ هڪ آئل ٽينڪر کي باهه لڳي، جتي سوين بيگناهه انسانن جون حياتيون خطري ۾ هيون. منهنجي والد صاحب بنا ڪنهن خوف يا لالچ جي ماڻهن کي بچائڻ لاءِ پاڻ کي باهه ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ڪيترين ئي قيمتي جانين کي بچائيندي شهادت جو اعليٰ مرتبو حاصل ڪيو. اهو قربانيءَ جو اهڙو مثال آهي، جيڪو هميشه لاءِ منهنجي خاندان ۽ قوم لاءِ فخر جو باعث رهندو.
اڄ آئون پنهنجي شهيد والد جي نقش قدم تي هلندي سنڌ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر (پبلڪ ريليشنز آفيسر) طور پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيو آهيان. منهنجي اداري جا آفيسر ۽ ساٿي مون سان جيڪا عزت، محبت ۽ شفقت جو رويو رکن ٿا، اهو منهنجي شهيد والد جي عظيم قربانيءَ جو احترام آهي. اها عزت منهنجي لاءِ ڪنهن وڏي اعزاز کان گهٽ ناهي.
شهيدن جا وارث هجڻ سان گڏ پوليس فورس جو حصو هجڻ منهنجي لاءِ وڏي سعادت آهي. منهنجو ايمان آهي ته جيڪڏهن وطن جي حفاظت لاءِ هزار ڀيرا به جان قربان ڪرڻي پوي ته اهو اعزاز سمجهندس، ڇاڪاڻ⁠ تہ ڌرتيءَ جي حفاظت کان وڌيڪ مقدس فرض ٻيو ڪو به ناهي.
اڄ جي نوجوان نسل کي گهرجي ته شهيدن جي قربانين مان سبق حاصل ڪري، قانون جي پاسداري، وطن سان محبت، قومي اتحاد ۽ امن جي قيام لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري. قومون تڏهن ترقي ڪنديون آهن، جڏهن اهي پنهنجي محسنن ۽ شهيدن کي وسارينديون ناهن.
آخر ۾ دعا آهي ته الله تعاليٰ سڀني شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، سندن درجن کي بلند ڪري، سندن خاندانن کي صبر جميل عطا فرمائي، ۽ اسان سڀني کي پنهنجي وطن، قوم ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
شهيد هميشه زنده آهن، سندن قربانيون امر آهن، ۽ سندن نالو تاريخ جي روشن بابن ۾ هميشه لاءِ زنده رهندو.
سلام شهيدن کي
سلام سنڌ پوليس
سنڌ پوليس زنده آباد
پاڪستان پائنده آباد....!