بُھھ جي واپارين جي هڙتال رنگ لاتو، آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ٽريفڪ اهلڪار معطل

ڊيري فارمر ايسوسيئيشن ۽ بھھ جي واپارين جي وفدن ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سان ملاقاتون ڪيون

بُھھ جي واپارين جي هڙتال رنگ لاتو، آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ٽريفڪ اهلڪار معطل

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڊيري فارمر ايسوسيئيشن ۽ بھ جي واپارين پاران پوليس جي مبينا رشوت خوري ۽ ناجائز روين خلاف سڄي سنڌ ۾ ڪيل احتجاجي هڙتال رنگ لائي وئي، جنهن کانپوءِ واپارين احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڊيري فارمر ايسوسيئيشن ۽ ڀَھ جي واپارين جي وفدن ڪمشنر ڪراچي ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪري مختلف ضلعن جي پوليس خلاف رشوت وٺڻ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال بابت لکت ۾ شڪايتون جمع ڪرايون شڪايتن جو آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو فوري نوٽيس وٺندي ٽريفڪ پوليس جي اهلڪار سعيد پنهور کي معطل ڪري بي ڪمپني موڪلڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ڊي آءِ جي حيدرآباد کي معاملي جي شفاف ۽ غيرجانبدار انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ پوليس ۾ رشوت، ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي ڪا به گنجائش ناهي. هن چيو ته شفاف انڪوائري ذريعي ذميوارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته شهرين، ٽرانسپورٽرن ۽ ڪاروباري برادري کي تحفظ فراهم ڪرڻ سنڌ پوليس جي اولين ترجيح آهي هوڏانهن ڊائريڪٽر جنرل اينٽي ڪرپشن سليم الله اوڍو پڻ هدايت جاري ڪندي چيو آهي ته دادو، ڄامشورو، حيدرآباد ۽ ٺٽو ضلعن جي پوليس خلاف مليل ڪرپشن جي شڪايتن جي جاچ ڪئي ويندي. هن چيو ته واپارين پاران ڏنل لکت واري درخواست تي مڪمل ميرٽ ۽ شفافيت سان انڪوائري ڪئي ويندي. ڊيري فارمرايسوسيئيشن ۽ ڀَھ جي واپارين جي اڳواڻن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو ته اسان وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو، ڊي جي اينٽي ڪرپشن ۽ ڪمشنر ڪراچي جا ٿورائتا آهيون، جن اسان جي دانهن ٻڌي ۽ ملوث پوليس آفيسرن خلاف قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي آهي هنن چيو ته اختيارين جي يقين دهانين ۽ ڪارروائي جي شروعات کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ جاري احتجاجي هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته جيڪڏهن انڪوائري ۾ شفافيت نه رهي يا ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته واپاري برادري پنهنجو آئنده جو لائحه عمل جوڙي سگهي ٿي.