ڳاڙهو شهر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زميندار مارجي ويو

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زميندار ۽ واپاري قاسم ميمڻ قتل، لاش اسپتال منتقل

ٺٽو(شفيق ڀٽي) ڳاڙھو ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڌانڌاري شهر جو زميندار قاسم ميمڻ مارجي ويو، زميندار ۽ واپاري قاسم ميمڻ پنھنجي گھر کان زرعي فارم طرف وڃي رھيو ھو ته رستي ۾ لِڪي ويٺل ھٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ قاسم ميمڻ زخمي ٿيڻ بعد اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو