English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
احتجاج جو نتيجو: لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ آفيسرز ۽ ايمپلائيز ايسوسيئيشنز جا اڳواڻ معطل
views
|
08th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
آفيسر ايسوسيئيشن جو سيد منير شاھھ ۽ ملازم ايسوسيئيشن جو حاڪم ڦلپوٽو معطل
خيرپور(ڊ ر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي رجسٽرار هڪ حڪم نامو جاري ڪندي يونيورسٽي جي ملازم ۽ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي اڳواڻ حاڪم ڦلپوٽو ۽ آفيسرز ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري سيد منير شاهه کي معطل ڪري سندن خلاف چار رڪني انڪوائري ڪاميٽي جوڙي ورتي نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حاڪم ڦلپوٽو ۽ سيد منير شاھه کي يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪرڻ، غير حاضر رهڻ، نافرماني ڪرڻ، سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي يونيورسٽي جي ساک خراب ڪرڻ تي معطل ڪيو ويو آهي ٻنهي ملازمن کي معطل ڪري پروفيسر ڊاڪٽر نور احمد شيخ، پروفيسر ڊاڪٽر محمد مسيح الله جتوئي، محمد حسن هاليپوٽو ۽ سڪندر علي جانوري تي مشتمل جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي جوڙيل ڪاميٽي ستن ڏينهن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ انتظاميا حوالي ڪندي ٻئي پاسي آفيسر ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر محمد مراد پيرزادو جو چوڻ آهي ته اسان انتظاميا جي اهڙن حربن کان ڊڄڻ وارا ناهيون انتظاميا اهڙيون حرڪتون نه ڪري ته بهتر آهي ھن چيو ته اسان آفيسر ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري سيد منير شاھ راشدي سميت ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر حاڪم ڦلپوٽو کي معطل ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو آفيسرز ايسوسيئيشن ۽ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي عهديدارن جو اجلاس جاري آهي ۽ سڀاڻي جو لائحه عمل تيار ڪيو پيو وڃي ھن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ بدران استاد ۽ ملازم دشمنيءَ تي لهي آئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh Khairpur
Latif Uiversty
University
0 تبصرے