English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اياز لطيف پليجي پاران قومپرست ڪارڪن ۽ ٽڪ ٽاڪر افضل لنڊ جي قتل جي مذمت
views
|
12th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
15سالن کان سنڌ ۾ خونن ۽ اغوائن خلاف سرڪار، اسيمبليون ۽ عدالتون خاموش آھن: پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي نوجوان افضل لنڊ جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ نوجوان افضل لنڊ جو قتل ظلم جي انتھا آھي. 15 سالن کان سنڌ ۾ خونن ۽ اغوائن خلاف سرڪار، اسيمبليون ۽ عدالتون خاموش آھن. ائين لڳي ٿو حڪمران سنڌ کي ملڪ جو حصو نٿا سمجھن، جنھنڪري سنڌ کي ڦرلٽ، ڪرپشن ۽ لاقانونيت جي ڪالوني بنائي ويو آھي، جيڪو جيترو طاقتور آھي، اھو پاڻ کي ايترو وڏو قانون ۽ آئين کان بالاتر سمجھي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي کان ڪشمور تائين ماڻھو محفوظ ناھن ڪير بہ ڪيڏي مھل قتل يا اغوا ڪيو وڃي ٿو. پوليس جي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. مرضي جا ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ايس ايچ اوز رکرائي پوليس کان قانون جي عملداري ڦري وئي آھي. جنھن ڪري سنڌ منشيات ۽ ھٿيارن جو دڪان بنجي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ پورھيت، ھاري ۽ غريب ماڻھو انصاف کان محروم آھن، جنھن وٽ پئسو آھي اھو پوليس سميت ھر شئي خريد ڪري وٺي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق ۾ ايندڙ حڪومتون پنھنجن مفادن لاءِ سنڌ حڪومت کي اتحادي بنائي سنڌ جي عوام کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏين ٿيون. 15 سالن کان سنڌ کي ديوار سان لڳايو ويو آھي. وفاق کي سنڌ جا وسيلا گھرجن، سنڌ جو تيل گھرجي، گئس گھرجي، سنڌ جو پاڻي گھرجي، سنڌ جي دولت گھرجي پر سنڌ جا ماڻھو نه گھرجن، جنھن ڪري سنڌ ۾ ھٿ وٺي قبيلائي جھيڙا ڪرايا وڃن ٿا، ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آھي، جھالت ۽ لاقانونيت جي پکيڙيو ويو آھي. سنڌ ۾ حد کان وڌيڪ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
hyderabad
QAT
ayaz latif palijo
0 تبصرے