English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
فلسطين ۾ تاريخ جي بدترين دھشتگردي ٿي رھي آھي، دنيا چپ آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
10th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
فلسطين ۾ تاريخ جي بدترين دھشتگردي ٿي رھي آھي، دنيا چپ آھي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ فلسطين ۾ تاريخ جي بدترين دھشتگردي ٿي رھي آھي۔ معصوم ماڻھن کي قتل ڪيو پيو وڃي۔ اقوام متحده کي اسرائيلي جارحيت نظر نٿي اچي۔ آمريڪا آڏو بيوس بنيل ملڪن اسرائيلي دھشتگردي کي روڪڻ بدران پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون آھن. اسرائيل حق ۽ سچ جو آواز دٻائڻ لاء ميڊيا ھائوسز تي حملا ڪري رھيو آھن۔ اسپتالن تي حملا ڪري معصوم ٻارڙن کي بہ نشانو بنايو پيو وڃي. مسلمان ملڪن مجرماڻي خاموشي نہ ٽوڙي تہ انھن جو وارو اچڻ تي اڪيلا رھجي ويندا۔ آمريڪا اسرائيلي دھشتگردي کي ھٿي ڏئي رھيو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسرائيل ظلم، بربريت ۽ دھشتگردي جو بنياد آھي۔ اسرائيل معصوم ٻارن ۽ عورت جو قاتل آھي۔ عالمي دنيا اسرائيلي دھشتگردي آڏو خاموش تماشائي آھي۔ اھو عمل اسرائيلي بربريت کان بہ وڏو ڏوھ آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسرائيلي جنگي جارحيت کي روڪڻ لاء اقوام متحده ۽ اسلامي ملڪن کي عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔ ھي وقت مذمت کان اڳتي وڌي عمل ۾ اچڻ جو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ خطرناڪ ھٿيارن جي نالي ۾ آمريڪا عراق کي ملبي جو ڍير بنائي ڇڏيو پر اتان ڪو بہ ھٿيار ھٿ نہ آيو۔ اسرائيل انھي آمريڪا جو ناجائز اولاد آھي جنھن فلسطين تي ظلم جا پھاڙ ڪيرائي ڇڏيا آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ الميو اھو آھي جو انساني حقن جي عالمي تنظيمن بہ اکيون بند ڪري ڇڏيون آھن۔ دنيا ۾ اسرائيلي ظلم خلاف وڏي ۾ وڏا احتجاج ٿي رھيا آھن۔ فلسطين جا ماڻھو پنھنجي بقا جي جنگ وڙھي آھن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
ayaz latif palejo
0 تبصرے