English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
فلسطين ۾ تاريخ جي بدترين دھشتگردي ٿي رھي آھي، دنيا چپ آھي: اياز لطيف پليجو
59 views
|
10th Nov 2023
•
سنڌي خبرون
فلسطين ۾ تاريخ جي بدترين دھشتگردي ٿي رھي آھي، دنيا چپ آھي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ فلسطين ۾ تاريخ جي بدترين دھشتگردي ٿي رھي آھي۔ معصوم ماڻھن کي قتل ڪيو پيو وڃي۔ اقوام متحده کي اسرائيلي جارحيت نظر نٿي اچي۔ آمريڪا آڏو بيوس بنيل ملڪن اسرائيلي دھشتگردي کي روڪڻ بدران پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون آھن. اسرائيل حق ۽ سچ جو آواز دٻائڻ لاء ميڊيا ھائوسز تي حملا ڪري رھيو آھن۔ اسپتالن تي حملا ڪري معصوم ٻارڙن کي بہ نشانو بنايو پيو وڃي. مسلمان ملڪن مجرماڻي خاموشي نہ ٽوڙي تہ انھن جو وارو اچڻ تي اڪيلا رھجي ويندا۔ آمريڪا اسرائيلي دھشتگردي کي ھٿي ڏئي رھيو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسرائيل ظلم، بربريت ۽ دھشتگردي جو بنياد آھي۔ اسرائيل معصوم ٻارن ۽ عورت جو قاتل آھي۔ عالمي دنيا اسرائيلي دھشتگردي آڏو خاموش تماشائي آھي۔ اھو عمل اسرائيلي بربريت کان بہ وڏو ڏوھ آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ اسرائيلي جنگي جارحيت کي روڪڻ لاء اقوام متحده ۽ اسلامي ملڪن کي عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔ ھي وقت مذمت کان اڳتي وڌي عمل ۾ اچڻ جو آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ خطرناڪ ھٿيارن جي نالي ۾ آمريڪا عراق کي ملبي جو ڍير بنائي ڇڏيو پر اتان ڪو بہ ھٿيار ھٿ نہ آيو۔ اسرائيل انھي آمريڪا جو ناجائز اولاد آھي جنھن فلسطين تي ظلم جا پھاڙ ڪيرائي ڇڏيا آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ الميو اھو آھي جو انساني حقن جي عالمي تنظيمن بہ اکيون بند ڪري ڇڏيون آھن۔ دنيا ۾ اسرائيلي ظلم خلاف وڏي ۾ وڏا احتجاج ٿي رھيا آھن۔ فلسطين جا ماڻھو پنھنجي بقا جي جنگ وڙھي آھن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
ayaz latif palejo
0 تبصرے