English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز ۾ ڳوٺاڻن ۽ سياسي سماجي ڌرين جو پوليس ۽ سيپڪو عملدارن خلاف احتجاج
views
|
14th Dec 2023
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ ڳوٺاڻن ۽ سياسي سماجي ڌرين جو پوليس ۽ سيپڪو عملدارن خلاف احتجاج
نوشهروفيروز(ڊ ر) سيپڪو نوشھرو فيروز انجنيئر تاج محمد ماڪا ۽ ايس ڊي او سميع گجر پاران ڪيل ناجائزين ۽ پوليس خلاف ڳوٺاڻن سان گڏ مختلف سياسي سماجي جو احتجاجي مظاهرو، احتجاج جي اڳواڻي سنڌ صحافي اتحاد جو اڳواڻ محمد يونس راڄپر، قومي عوامي تحريڪ جو اڳواڻ ارشاد عباسي، ماجد تڳر، مقتول جو پٽ غلام مصطفيٰ راڄپر ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته ڳوٺ جمن راڄپر مٿان 11 هزار تارون هيو جيڪي ڪمزور ٿي ڪري زمين تي هيٺ ڪري پيون اسان سيپڪو نوشهرو فيروز جي انجنيئر تاج محمد ماڪا سميت لاڳايل آفيسرن کي شڪايتون ڪيون پر هنن تارون زمين کان مٿي ڪرڻ بجاءِ انهن ۾ بجلي چالو ڪري ڇڏي. 28 ڏينهن اڳ ڳوٺ جمن راجپر لڳ گلاب راجپر جيڪو زمين تي ڪم ڪرڻ سان گڏ مال چاري رهيو هو جيڪو ان تارن ۾ وچڙي فوت ٿي ويو اسان اهڙي رپورٽ نوشهرو فيروز ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ بعد ميڊيڪل ليٽر وٺي پوسٽ مارٽم ڪرايوسين جڏهن اسان ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ وياسين ته ٿاڻي وارن جواب ڏئي ڇڏيو اسان اهڙي ناجائزي خلاف ڪورٽ سميت اعلا اختيارين کي ٽيليگرام ڪيا آھن ان بعد سيپڪو وارا مڇرجي انتقامي ڪاروائي ڪندي درخواست گذار صحافي يونين اڳواڻ جي گهر جو ميٽر هجڻ باجود بجلي ڪٽي ڇڏي آھي هنن وڌيڪ چيو ته گلاب راڄپر واپڊا وارن جي غلطين سبب فوت ٿيو آھي ان ڪري سيپڪو انجنيئر سميت لاڳاپيل ايس ڊي او تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي اسان ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪئي آھي اسان کي عدالت مان اميد آھي ته انصاف ٿيندو ۽ جيڪڏهن واپڊا وارن پنهنجي بدماشي ختم نه ڪئي ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪرڻ ڪرڻ سان گڏ نيشنل هائي وي بلاڪ ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
سيپڪو نوشھرو فيروز انجنيئر تاج محمد ماڪا
ايس ڊي او سميع گجر
0 تبصرے