English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گھوڙا ٻاري ويجھو مختلف اڳواڻن جي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت
151 views
|
07th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
گھوڙا ٻاري ويجھو مختلف اڳواڻن جي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)اڄ گھوڙاٻاري لڳ بڪيرا اسٽاپ تي متحده قومي مومينٽ پاڪستان (ايم ڪيو ايم)۾ سوين مقامي ماڻھن پاران شموليت جو اعلان ڪيو ويو،ان موقعي تي ھڪ وڏو جلسو منقعد ڪيو ويو جنھن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ذميدار ۽ متوقع اميدوار جنيد صديقي،بلاول سمون،عبيد جماري،مرتضا خشڪ،حاجي محبوب بلوچ،سيد احسان شاھ ڀاڏائي،ميو خان شورو،۽ گلزار عباسي شريڪ ٿيا،جڏھن ته ان موقعي تي محمد جمن بڪيرو،رستم بڪيرو،لقمان بڪيرو،سليمان بڪيرو،استاد اسماعيل بڪيرو،رحيم بخش بڪيرو،زاھد شيخ،مقبول بڪيرو،نياز بڪيرو،صديق بڪيرو،علي محمد بڪيرو،غلام حسين بڪيرو،احمد بڪيرو،الله بخش،محمد شريف،مقبول مھر،نظير مھر ۽ ٻين سوين ماڻھن پنھنجي برادري ۽ راڄ سميت ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو،ان موقعي تي جنيد صديقي،ميو خان شورو ۽ بلاول سمون خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم اڪستان پڙھيل لکيل ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻھن جي پارٽي آھي ان ۾ ڪو به وڏيرو ۽ جاگيردار شامل ناھي ايم ڪيو ايم حقيقي معنا ۾ غريبن جي خدمت ڪندڙ پارٽي آھي ھنن چيو ته اڳ ۾ به ٺٽي جي 7سؤ کان وڌيڪ غريب سنڌي ماڻھن کي مفت سرڪاري نوڪريون ڏنيون ۽ اليڪشن کان پو وري به ھزارين ماڻھن کي روزگار ڏينداسين ھنن چيو ته 15 سالن کان پ پ جي حڪومت رھي آھي پر ھنن عوام لا ڪجھ نه ڪيو رڳو ڪرپشن ۽ بدعنواني ڪري پنھنجا پيٽ ڀريا ھنن چيو ته پي ايس 78 کي پئرس بنائڻ جون ڳالھيون ڪيون ويون پر ھتي اچي خبر ئي ته علائقو ڀڙڀانگ آھي ڪا به ترقي نه ٿي آھي ان موقعي تي شموليت ڪندڙ مقامي ڳوٺاڻن دانھون ڪندي ٻڌايو ته چمچا ترقي جي ڪوڙين ڳالھين جا قصا پيا بيان ڪن پر اسان کي نه علاج جي سھولت آھي ۽ نه تعليم جي،اسڪول تباھ آھن ڳوٺ سڀني سھولتن کان محروم آھن ماڻھون بک ۽ بدحالي جو شڪار آھن صاف پيئڻ جو پاڻي ڪونھي زمينن جا کاتا رشوت کان سوا نٿا ٺھن ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻن کين يقين ڏياريو ته ايم ڪيو ايم ھتان ترقي لا بنيادي ڪم ڪندي ۽ ماڻھن جو ڀرجھلو بنجندي ان ڪري سنڌي ماڻھن کي ھاڻ وڏيرن ۽ جاگيردارن کي ڇڏي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ گھرجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان پیپلز پارٹی ویمن ونگ یو ایس اے کی جانب سے محترمہ بینظیر بھٹو شہید کی سالگرہ پر خراجِ عقیدت
21st Jun 2026
•
سندھ
کیمرہ جرنلسٹس میڈیا انڈسٹری کا اہم ستون ہیں، سید امتیاز الحق بخاری
21st Jun 2026
•
سندھ
شہید بے نظیر بھٹو عوامی خدمت، جمہوریت اور مساوات کی روشن مثال،، ڈاکٹر شام سندر ایڈوانی
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
21st Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان پیپلز پارٹی ویمن ونگ یو ایس اے کی جانب سے محترمہ بینظیر بھٹو شہید کی سالگرہ پر خراجِ عقیدت
21st Jun 2026
•
سندھ
کیمرہ جرنلسٹس میڈیا انڈسٹری کا اہم ستون ہیں، سید امتیاز الحق بخاری
21st Jun 2026
•
سندھ
شہید بے نظیر بھٹو عوامی خدمت، جمہوریت اور مساوات کی روشن مثال،، ڈاکٹر شام سندر ایڈوانی
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
گھوڙاٻاري
تي متحده قومي مومينٽ
0 تبصرے