English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گھوڙا ٻاري ويجھو مختلف اڳواڻن جي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت
views
|
07th Jan 2024
•
سنڌي خبرون
گھوڙا ٻاري ويجھو مختلف اڳواڻن جي ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شموليت
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)اڄ گھوڙاٻاري لڳ بڪيرا اسٽاپ تي متحده قومي مومينٽ پاڪستان (ايم ڪيو ايم)۾ سوين مقامي ماڻھن پاران شموليت جو اعلان ڪيو ويو،ان موقعي تي ھڪ وڏو جلسو منقعد ڪيو ويو جنھن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ذميدار ۽ متوقع اميدوار جنيد صديقي،بلاول سمون،عبيد جماري،مرتضا خشڪ،حاجي محبوب بلوچ،سيد احسان شاھ ڀاڏائي،ميو خان شورو،۽ گلزار عباسي شريڪ ٿيا،جڏھن ته ان موقعي تي محمد جمن بڪيرو،رستم بڪيرو،لقمان بڪيرو،سليمان بڪيرو،استاد اسماعيل بڪيرو،رحيم بخش بڪيرو،زاھد شيخ،مقبول بڪيرو،نياز بڪيرو،صديق بڪيرو،علي محمد بڪيرو،غلام حسين بڪيرو،احمد بڪيرو،الله بخش،محمد شريف،مقبول مھر،نظير مھر ۽ ٻين سوين ماڻھن پنھنجي برادري ۽ راڄ سميت ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو،ان موقعي تي جنيد صديقي،ميو خان شورو ۽ بلاول سمون خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم اڪستان پڙھيل لکيل ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻھن جي پارٽي آھي ان ۾ ڪو به وڏيرو ۽ جاگيردار شامل ناھي ايم ڪيو ايم حقيقي معنا ۾ غريبن جي خدمت ڪندڙ پارٽي آھي ھنن چيو ته اڳ ۾ به ٺٽي جي 7سؤ کان وڌيڪ غريب سنڌي ماڻھن کي مفت سرڪاري نوڪريون ڏنيون ۽ اليڪشن کان پو وري به ھزارين ماڻھن کي روزگار ڏينداسين ھنن چيو ته 15 سالن کان پ پ جي حڪومت رھي آھي پر ھنن عوام لا ڪجھ نه ڪيو رڳو ڪرپشن ۽ بدعنواني ڪري پنھنجا پيٽ ڀريا ھنن چيو ته پي ايس 78 کي پئرس بنائڻ جون ڳالھيون ڪيون ويون پر ھتي اچي خبر ئي ته علائقو ڀڙڀانگ آھي ڪا به ترقي نه ٿي آھي ان موقعي تي شموليت ڪندڙ مقامي ڳوٺاڻن دانھون ڪندي ٻڌايو ته چمچا ترقي جي ڪوڙين ڳالھين جا قصا پيا بيان ڪن پر اسان کي نه علاج جي سھولت آھي ۽ نه تعليم جي،اسڪول تباھ آھن ڳوٺ سڀني سھولتن کان محروم آھن ماڻھون بک ۽ بدحالي جو شڪار آھن صاف پيئڻ جو پاڻي ڪونھي زمينن جا کاتا رشوت کان سوا نٿا ٺھن ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻن کين يقين ڏياريو ته ايم ڪيو ايم ھتان ترقي لا بنيادي ڪم ڪندي ۽ ماڻھن جو ڀرجھلو بنجندي ان ڪري سنڌي ماڻھن کي ھاڻ وڏيرن ۽ جاگيردارن کي ڇڏي ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيڻ گھرجي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
پیپلز پارٹی آئینی عہدے حاصل کر کے وفاق میں اقتدار کے مزے لوٹ رہی ہے،روزی خان کاکڑ
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ دهشتگردن پاران جعفر ايڪسپريس کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي ڪوشش
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پ پ اڳواڻن پاران دهشتگردي جي واقعي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ ۽ ن ليگ ڪرپشن جي ٻيڙي ۾ سوار آھن، ٻنھي ۾ نورا ڪشتي ھلي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ڳوٺ فشريز وٽ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ دوران پيءُ پٽ ٻڏي ويا، نوجوان فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
گھوڙاٻاري
تي متحده قومي مومينٽ
0 تبصرے