English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اھم اجلاس ٿي گذريو
views
|
27th May 2024
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز ۾ ڊي سي محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ اھم اجلاس ٿي گذريو
نوشهرو فيروز (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم جي صدارت هيٺ ضلعي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ لوڪل گورنمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي، آبپاشي کاتي، زراعت کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. لائيو اسٽاڪ، تعليم، پوليس، صحت، سماجي ڀلائي ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جا آفيسر موجود هئا، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ دوران بهتر انتظام ڪرڻ سمورن کاتن جي آفيسرن جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا کي ڄاڻڻ گهرجي ته ڪهڙي کاتي وٽ ڪهڙا وسيلا موجود آهن. هن لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي حدن ۾ برساتي نالن جي صفائي مڪمل ڪن ۽ انهن جي مشينري کي ڪم جي حالت ۾ رکيو وڃي ۽ برساتن دوران بجلي بند ٿيڻ جي صورت ۾ جنريٽر جا انتظام مڪمل ڪيا وڃن. هن چيو ته جنريٽر ۽ پيٽرول جا انتظام ڪيا وڃن، سمورن کاتن جا سربراه پنهنجو ڪانٽي جنسي پلان تيار ڪري پيش ڪن، ان موقعي تي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن اجلاس کي ٻڌايو ته ضلعي ۾ ڪل 70 اسڪيمون آهن، جن مان 47 فعال آهن. 10 مرمت جي قابل آهن ۽ 13 مڪمل طور تي ناڪاره آهن،ان لائيو. اسٽاڪ کاتي جي آفيسر کي ھدايت ڪئي ته هڪ جامع رپورٽ تيار ڪئي وڃي ته چوپائي مال جي تعداد ۽ مختلف بيمارين کان بچاء جي ويڪسينيشن ڪئي وڃي. هن سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ فلاحي ادارن سان رابطي ۾ رهن ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رضاڪار ۽ ٻيا وسيلا تيار رکن هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ دوائن ۽ ايمبولينس ۽ عملي جو بندوبست ڪيو وڃي ان آبپاشي کاتي جي آفيسر کي ھدايت ڪئي ته درياه جي بندن تي گهربل مشينري ۽ پٿر وغيره کي فوري طور پھچايو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
ڊي سي محمد ارسلان سليم
0 تبصرے