English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورساڪرو ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي مارچ
views
|
18th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ميرپورساڪرو (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو دريا تي غيرقانوني ڪينالن ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو، ياسر جاکرو، ممتاز شيخ، مرتضي لاشاري، بشير سمون، حبيب الله پليجو، گلزار ڀرج، وسيم ڀرج، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پوليس چوڪي کان احتجاجي مارچ ڪري ساڪرو جي مين چوڪ تي ڌرڻو ھنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي ۽ ٺٽو ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان ٺٽو ضلعي سميت سڄي سنڌ سڪي تباھ ٿي ويندي. سنڌو درياءَ سنڌين جي جان آهي سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال سنڌي ماڻهن جي لاشن تي ٺھندا سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ لاءِ وڙھندو سنڌي ماڻھو ڪڏھن بہ پنھنجو درياھ وڪرو ٿيڻ نہ ڏيندا. چولستان ڪئنال ۽ ٻيا ڌاڙيل واھ ھرگز قبول ناھن. سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر ٿيڻ نہ ڏنو ويندو. سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ ۽ وسيلن لاءِ ھڪ آواز آھن.سنڌ دشمن ڪئنالن جو منصوبو ڪرپٽ حڪمرانن جي اقتدار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو جو آرگنائيز خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ جو عوام ڪڏهن سنڌو درياھ تي نوان ڪئنالن قبول نہ ڪندو چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند تي ويندو. جنهن سنڌ تباھ ۽ برباد ٿي ويندي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو خطاب ڪندي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ سنڌو درياھ کي بچائڻ لاء جدوجھد شھرن سميت جھرجھنگ جاري رھندي. پيپلزپارٽي، زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام سان نہ پر پنجاب ۽ وفاق سان گڏ بيٺل آھن جيڪي سنڌو درياھ مان 6 نوان غير قانوني نوان ڪئنال ڪڍي گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌو درياءَ کي قتل ڪرڻ چاھين ٿا. ڌرڻي کي مرتضي لاشاري، حبيب الله پليجو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ميرپورساڪرو
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے