English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٽنڊو آدم ۾ سماجي تنظيم اڏيرو لال ويلفيئر پاران 250 جوڙن جون اجتمائي شاديون ڪرايون ويون
156 views
|
29th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو آدم (رپورٽر) ٽنڊو آدم ۾ سماجي تنظيم اڏيرو لال ويلفيئر پاران 250 جوڙن جون اجتمائي شاديون ڪرايون ويون ڏاج ڏيڻ سميت ڄاڃين ۽ مهمانن کي کاڌو به کارايو ويو ٽنڊي آدم ۾ سماجي تنظيم اڏيرو لال ويلفيئر پاران هر سال وانگر هن سال به هڪ تقريب ڪوٺائي 250 جوڙن جون اجتماعي شاديون ڪرايون ويون آھن جنهن ۾ 100 مسلمان، 100 هندو ۽ 50 عيسائي جوڙا شامل آھن۔ تقريب ۾ ٽنڊو آدم، شھدادپور، جهول، سنجهورو، سانگهڙ، مٽياري، هالا، ٽنڊوالهيار، شھيد بينظير آباد، مورو، سڪرنڊ، کپرو،ميرپورخاص، عمرڪوٽ سميت مختلف علائقن مان گهوٽيتا ۽ ڪنواريتا ڄڃ وٺي پهتا ته سندن دهلن ۽ شريانين سان استقبال ڪيو ويو۔ مسلمان جوڙن جي اسلامي طريقي موجب نڪاح جڏهن ته هندو ۽ عيسائي جوڙن جي سندن مذھبي ريتن رسمن تحت شادي ڪرايون ويون۔ گهوٽ ۽ ڪنوار کي ڪپڙا، سونو ڪوڪو، روڪ رقم، هنڌ، ڪمبل ۽ گهر ۾ استعمال هيٺ ايندڙ هڪ لک رپين جي ماليت کان مٿي جو ڏاج ڏيڻ سميت ڄاڃين ۽ مهمانن کي ماني به کارائي وئي۔ تقريب ۾ پ پ جو اڳوڻو سينيٽر فدا حسين ڏيرو، ملڪ ذوالفقار روشن سميت سياسي سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ 250 اجتماعي شاديون ڪرائيندڙ سماجي تنظيم جي چيئرمين بابا راجڪمار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته غربت وڌي وڃڻ سبب غريب طبقو پنهنجي اولاد جون شاديون ڪرائي نٿو سگهي جنهن سبب ڪيترين نياڻين جي عمر وڌي وڃڻ سبب انهن جون شاديون نه ٿيون ٿين ۔ هي هڪ عظيم ڪم آھي اسان بنا ڪنهن متڀيد ۽ مذھب جي گذريل ڪيترن سالن کان مسڪين ۽ مستحق جوڙن جون شاديون باقائدگي سان ڪرائي رهيا آھيون ۔ حڪومت ۽ سرندي وارا اڳتي اچن ته جيئن اڃان وڌيڪ غريبن جون شاديون ٿي سگهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٽنڊو آدم
اڏيرو لال ويلفيئر
0 تبصرے