English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو، گهگهر ۾ چوري دوران هڪ ڄڻو سوگهو
views
|
08th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ملير(عبدالرشيد مورجھريو) ملير بدامني جي ور چڙهي ويو، گهگهر ۾ چوري جي ڪوشش، رهواسين جي سجاڳ ٿيڻ تي 2 ڄڻا فرار، هڪ چور سوگهو، ريڙهي ۾ ڊاڪٽر کان به موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فون ڦر، ڪيس داخل نه ٿيو، گهگهر ۾ هڪ ئي هفتي اندر چوري ۽ ڦر جون 10 کان وڌيڪ وارداتن سبب رهواسي غير تحفظ جو شڪار، پولیس ڪو به تحرڪ نه ورتو، گهگهر کي ڏوهارين حوالي ڪيو ويو آهي جنهن سبب ڪاروبار ڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي رهواسي تفصيل موجب ملير ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي ان حوالي سان گهگهر ۾ گذريل رات دير سان 3 چورن قومي شاهراھ وٽ غلام حسين جوکيو مارڪيٽ ۾ چوري جي ڪوشش ڪئي ته ان دوران رهواسي سجاڳ ٿيڻ تي ٻه چور فرار ٿي ويا جڏهن ته هڪ چور کي رهواسين سوگھو ڪري ورتو جيڪو پنهنجو نالو پرويز پٽ سڪندر ۽ قادر نگر لڳ امين مگسي ڳوٺ جو رهواسي ٻڌايو جنهن وٽان هڪ موٽر سائيڪل بغير نمبر پليٽ جي ۽ چوري جي وارداتن ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ ڪيو ويو، ٻئي طرف ريڙهي ڳوٺ جي داؤد جت جيٽي ڦورن ڊاڪٽر سرفراز کي يرغمال بڻائي موبائل فون ۽ موٽرسائيڪل فر ڪري فرار ٿي ويا جنهن بعد سکڻ ٿاڻي لالا آباد چوڪي پوليس هڪ ڦورو کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل موٽرسائيڪل ۽ موبائيل ڊاڪٽر سرفراز واپس ڪئي ڊاڪٽر چيو ته آئون ڪيس جي چڪر ۾ نٿو پوڻ چاهيان پوليس چوڪي انچارج جو فون بند ھجڻ سبب ايس ايڇ او جاويد ابڙو کي فون ڪئي جنهن به فون نه کنيو جڏهن ته ڦورو شڪل مان پٺاڻ لڳي رهيو هو هوڏانهن ياد رهي ته هڪ هفتي دوران گهگهر ۾ چوري ۽ ڦر جون 10 وارداتون ٿيون جن ۾ نجب چوڪ تان سيڌي جي دڪان تان ڦورن طرفان لکين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو جڏھن ته صابو ڳوٺ جي واٽهڙي پورهيت پورهيت عمر کان 10 هزار روڪ ۽ موبائيل فون ڦر ڪئي هوڏانهن شر مارڪيٽ جي النور ڪميونيڪيشن جي دڪان تان سعيد پتافي کان ڦورن اڍائي لک رپيا روڪ رقم ۽ 9 موبائيل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا هئا، ان سلسلي علائقي واسين ٻڌايو ته گهگهر کي ڏوهارين جي حوالي ڪيو ويو جنهن سبب وارداتن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي عدم تحفظ سبب اسان جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن هنن مطالبو ڪيو ته چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري علائقي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻايو وڃي ۽ رات جو پوليس جا اهلڪار مقرر ڪيا وڃن جئين علائقي واسي سک جو ساهه کڻي سگهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
27th Jun 2025
•
پاکستان
پی ٹی آئی میں اختلافات، جنید اکبر اور اسد قیصر نے پارٹی پالیسیوں سے لاتعلقی کا اعلان کر دیا
27th Jun 2025
•
شوبز
شادی اردو بولنے والے خاندان میں ہوئی ہے، پنجابی میں صرف گالیاں دینا آتا ہے: زارا نور عباس
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ضلعي ۾ وسڪاري ۽ مٽيءَ جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، زندگيءَ جو نظام درهم برهم
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري جي ڳوٺ پونا ڀيل ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگري فوت
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ وسڪاري دوران خوفزده ٿيل نوجوان فوت، پنج پلي وٽان لاش هٿ
27th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، ڊسٽرڪٽ جيل مان فرار ٿيل قيدي گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
گهگهر
0 تبصرے