English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ سماجي اڳواڻ پرويز ابڙو جي سالگره جي موقعي تي سرسنگيت جي محفل منعقد
views
|
27th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سوشل اينڊ لٽرري فورم شڪارپور پاران سماجي اڳواڻ پرويز ابڙو سان رھاڻ رچائي وئي، تقريب دوران ڪيڪ به ڪاٽيو ويو
شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور ۾ سماجي اڳواڻ پرويز ابڙو جي سالگره مناسبت سان رھاڻ، ساڃاهه وندن پاران کيس ڀرپور ڀيٽا پيش، سرسنگيت جي محفل به منعقد، سوشل اينڊ لٽرري فورم شڪارپور پاران سماجي اڳواڻ پرويز ابڙو سان رھاڻ رچائي وئي ان موقعي تي ھن دوستن سان گڏجي پنهنجي 47ھين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو تقريب کي خطاب ڪندي پنھنجي صدارتي خطبي ۾ ليکڪ ۽ درگاهه شھيد ملنگ بابا جي فقير وزير علي ابڙو چيو ته پرويز ابڙي سماجي خدمتن جي حوالي سان پاڻ ملھائي ٻانھن جي حقن جي ادائگي جي حوالي سان خدا جي ھدايت جي پيروي ڪئي آھي اميد آھي تہ ھو ان حوالي سان تسلسل برقرار رکندي معاشري لاء اڃا وڌيڪ لاڀائتو ثابت ٿيندو تقريب جي مک مھمان پرويز ابڙو جو چوڻ ھو ته عوامي ڀلائي واري دڳ تي ھلندي سچ ۽ ثابت قدميءَ وقتي طور تي ذاتي حوالي سان نقصان به ڏنا آھن پر تلخ تجربن باوجود اصول پرستي واري عزم تان ڪڏهن به پوئتي نه هٽيا آھيون. ڪالمسٽ ۽ نقاد عديل مھر چيو ته قومپرستي کان انسان دوستي تائين پرويز ابڙو اتساهيندڙ ڪردار رھيو آھي ليکڪ نسيم بخاري چيو ته پرويز ابڙو سان رھاڻ سندس مثبت عملن کي نروار ڪري موجوده دؤر جي ضمير کي جاڳائڻ جي جستجو آھي، ان موقعي تي ليکڪ قمر سومرو چيو ته پرويز ابڙو وقت جي رفتار سان اجتماعي ڀلائي وارن معاملن ۾ اڳڀرائي ڪري پنھنجي ھم عنصرن لاء چٽاڀيٽيءَ وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آھي،SLF جي سيڪريٽري آصف شيخ چيو ته معاشري ۾ جيڪڏهن ڏوھاري پاڻ ۾ ٻڌي ڪري سگھن ٿا ته شريف شھرين جو به پاڻ ۾ ايڪو ھئڻ کپي ۽ چڱن ماڻھن ۾ رابطا ڪاري جي حوالي سان پرويز بھترين ڪم ڪيو آھي، انور سومرو چيو ته پرويز ابڙي پاڻ ملھائي ٻين لاء روشن مثال قائم ڪيو آھي، جسم اڳواڻ اسدالله سومرو چيو ته پرويز ابڙو صاف سٿري قومي سياست جو اجرو ڪردار آھي ان موقعي تي شڪارپور جي سريلن فنڪارن شاھد سومرو ۽ عمران لاڙڪ شاھ عبداللطيف ڀٽائي ،شيخ اياز، اعجاز سائين ۽ ٻين شاعرن جي شاعري ٻڌائي ٻڌندڙن جون دليون جيتي ورتيون جڏھن ته علي مدد شاھ لڪياري ، ڪامريڊ احسان جيھو ، حمير چانڊيو مير احمد نواز معرفاڻي , ڊاڪٽر گھنشام داس ،فيض سومرو ،افتخار آرائين، عديل علوي،غلام علي گل ميمڻ ، سليم سومرو ، رحيم بخش ابڙو ، راشد معرفاڻي پاران سماجي اڳواڻ پرويز ابڙو جي ڪردار تي روشني وڌي تقريب ۾ شھر جي سياسي سماجي ڌرين معزز شھرين پاران شرڪت ڪئي وئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
12th May 2025
•
شوبز
مشی خان کا کنگنا رناوت کو کرارا جواب: 'تمھارے لیے میرا ایک ہی مکا کافی ہے'
12th May 2025
•
تازہ ترین
بھارتی فوج ہمیں دھمکیاں نہیں دے سکتی، ہم ملکی سالمیت کا دفاع بخوبی جانتے ہیں. آرمی چیف
13th May 2025
•
پاکستان
جنوبی ایشیا میں امن کو فروغ دینے کے لئے ڈاکٹر غلام مجتبیٰ کا اہم کردار
12th May 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: رزاق آباد ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا، 2 مرڻينگ
12th May 2025
•
شوبز
حرا مانی کا کنگنا رناوت کو جواب: 'کنگنا رونا نہیں'
12th May 2025
•
شوبز
مشی خان کا کنگنا رناوت کو کرارا جواب: 'تمھارے لیے میرا ایک ہی مکا کافی ہے'
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
سوشل اينڊ لٽرري فورم
0 تبصرے