English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو پاڻي بجلي ۽ گيس بند، رهواسي روڊ تي نڪري آيا، لنڪ روڊ تي ڌرڻو
views
|
03rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
انتظاميه بجلي، پاڻي ۽ گئس بند ڪري رهواسين کي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي: ڪبريٰ جوکيو، حسين جوکيو
ملير (رپورٽر) ملير جي ڪيترن ئي ڳوٺن جو پاڻي بجلي گيس بند ، رهواسي روڊ تي نڪري آيا، لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ٽائرن لي باهيون ، ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويو، ناجائزي بند ڪريو، جياپي جون سهولتون فراهم ڪريو جا نعرا، بجلي پاڻي ۽ گئس بند هجڻ سبب عذاب ۾ مبتلا آهيون ڳوٺ جي معزز طرفان چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن کي مسئلا حل ڪرائڻ جي درخواست باوجود تدارڪ نٿو ڪيو وڃي بجلي، پاڻي ۽ گئس بحال ڪيو وڃي ٻي صورت قومي شاهراھ بند ڪري ڇڏيندا سين ڳوٺاڻا، تفصيل موجب ملير جي مزار خان ڳوٺ، در محمد گوٺ، غلام حسین گوٺ، جام مهر علی گوٺ، رضا محمد گوٺ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي گيس ئ پاڻي بند ڪيو ويو آهي جنهن خلاف سبب رهواسين طرفان حسين جوکيو ايڊوڪيٽ ڪبرا جوکيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري لنڪ روڊ تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن ٽائرن کي باهيون ڏيئي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جيڪي ناجائزي بند ڪريو، جياپي جون سهولتون فراهم ڪريو جا نعرا هڻي رهيا هئا روڊ بلاڪ ٿيڻ سبب ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته بجلي، پاڻي ۽ گئس بند ڪري عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا علائقي معززن چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي پر ڪنهن به تدارڪ نه ڪيو جنهن بعد ڪجھ ڏينھن اڳ به روڊ بند ڪيو پر ڪنهن کي به اسان جي تڪليفن جي احساس ناهي هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته بجلي ۽ پاڻي فوري طور فراهم نه ڪئي وئي ته مسئلا حل نه ٿيڻ تائين قومي شاهراھ بند ڪري ڇڏيندا سين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
0 تبصرے