English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ويجهو لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان ماءُ ڌيءَ سميت 3 گهرڀاتي قتل
60 views
|
31st Jan 2025
•
سنڌي خبرون
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ فهميده زال معشوق لولائي، سندس معصوم ڌيءَ عليشه ۽ ڏير رفيق لولائي مارجي ويا، لاش اسپتال منتقل
شڪارپور (احسان ابڙو) بڊو ٿاڻي جي حد سومراڻي وڌيو ۾ حسن عرف حسنو لولائي ڌر ۽ عثمان لولائي ڌر جي وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان هٿياربندن موٽرسائيڪل سوارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ فهميده زال معشوق، سندس معصوم ڌيءَ عليشه ۽ ڏير رفيق ولد الله وڌايو لولائي قتل ٿي ويا. اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ پاران قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. حسن عرف حسنو لولائي ڌر ۽ عثمان لولائي ڌر ۾ قتل جو واقعو هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان پيش آيو. بڊو پوليس لاشن کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ هو ته پوليس جي وڏي نفري علائقي ڏانهن واقعي واري هنڌ موڪلي وئي آهي. ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون ويون آهن. پوليس پاران مختلف هنڌن تي ناڪابندي، سرچ آپريشن ۽ ڇاپا هنيا پيا وڃن. واقعي جي وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ سنڌ ۾ ميرپورخاص لاءِ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس سنڌ ۾ لاڙڪاڻي لاءِ انيڪ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هنڱورجا واسي نوجوان دبئي ۾ روڊ حادثي ۾ فوت، سندس مڙهه اڄ ملتان آڻڻ جو امڪان
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ لاؤڊ اسپيڪر جو استعمال ، رهواسين جي زندگي عذاب بڻجي ويئي
03rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران روپوش جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شڪارپور
هٿياربندن
حسن لولائي
0 تبصرے