English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ويجهو لولائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان ماءُ ڌيءَ سميت 3 گهرڀاتي قتل
28 views
|
31st Jan 2025
•
سنڌي خبرون
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ فهميده زال معشوق لولائي، سندس معصوم ڌيءَ عليشه ۽ ڏير رفيق لولائي مارجي ويا، لاش اسپتال منتقل
شڪارپور (احسان ابڙو) بڊو ٿاڻي جي حد سومراڻي وڌيو ۾ حسن عرف حسنو لولائي ڌر ۽ عثمان لولائي ڌر جي وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان هٿياربندن موٽرسائيڪل سوارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ فهميده زال معشوق، سندس معصوم ڌيءَ عليشه ۽ ڏير رفيق ولد الله وڌايو لولائي قتل ٿي ويا. اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ پاران قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. حسن عرف حسنو لولائي ڌر ۽ عثمان لولائي ڌر ۾ قتل جو واقعو هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان پيش آيو. بڊو پوليس لاشن کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ هو ته پوليس جي وڏي نفري علائقي ڏانهن واقعي واري هنڌ موڪلي وئي آهي. ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون ويون آهن. پوليس پاران مختلف هنڌن تي ناڪابندي، سرچ آپريشن ۽ ڇاپا هنيا پيا وڃن. واقعي جي وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ جانورن کي مخلتف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مختيارڪار ڏوڪري طرفان ايڪسائيز پوليس سان گڏ ڊيوٽي فري سگريٽ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪريڪ ڊائون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
هٿياربندن
حسن لولائي
0 تبصرے