English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
انتهاپسند ۽ ڪرپٽ حڪمران پاڪستان کي ڪمزور ڪري رھيا آھن: اشرف پليجو
views
|
26th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ ٻئي ڏينهن تي ليٽ اسٽاپ کان گهارو پهتو، گلن جي ورکا سان آجيان
گھارو (رپورٽر)سنڌو تي ڌاڙي، 6 ڪئنال، ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ ٻئي ڏينھن ليٽ اسٽاپ شروع ٿيو، گھارو گولائي تي ترسندو، پيادل مارچ جو قافلو گھارو گولائي ۽ گھارو شهر پھتو جتي قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن شھرين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پيادل مارچ جي پانڌيڙن جو گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو ويون. مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو ،ضلعي صدر ممتاز شيخ، مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو، حبيب الله پليجو، مرتضي لاشاري، ساگر باغي، شفيع محمد پليجو،نور علي ڀٽ، راجا شورو، غفور سومرو، امين جوڻيجو، شھباز ملاح، گلزار برج، وسيم برج، نادر جاکرو ، جميل لاشاري، شمشاد ميربحر، مشتاق شيخ ۽ ٻين ڪئي مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجي چيو تہ انتهاپسند ۽ ڪرپٽ حڪمران پاڪستان کي ڪمزور ڪري رھيا آھن. جنھن وقت ملڪ سياسي ۽ معاشي بحرانن جو شڪار آھي. ان وقت سنڌو درياھ تي حملي آور ٿي سنڌ جي ماڻھن کي بہ رستن تي اچڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي. سنڌو درياھ تي ھرگز ڌاڙو برداشت نہ ڪيو ويندو. چولستان سميت 6 ڪئنال سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن آھن. وفاقي وزير ڪوڙ ھڻي رھيا آھن تہ اھي پنھنجي پاڻي کي استعمال ڪندا. سسٽم ۾ ايترو پاڻي ناھي جو ڪو ڪئنال ۽ ڊيم ٺاھي سگھجي. پيپلز پارٽي جا وزير کوکلي مخالفت ڪري رھيا آھن، سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي پر پيپلز پارٽي جو ڪٿي بہ احتجاج نظر نٿو اچي. ڪئنالن جي اصل منظوري ايوان صدر ۾ ويٺل آصف زرداري ڏني آھي. پيپلز پارٽي جا حڪمران ھر سنڌ دشمن منصوبو جوڙڻ لاءِ تيار آھن. اشرف پليجي چيو تہ اسين ڪنھن بہ قيمت تي سنڌ بنجر ۽ بيابان ٿيڻ نہ ڏينداسين. ڪئنال ٺھي ويا تہ ماڻھن کي پيئڻ ۽ غسل لاءِ بہ پاڻي نہ ملندو. درياھ ۾ واري اڏامندي. سنڌ جا ماڻھو درياھ لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ شامل ٿين. سنڌ جي ھر ننڍي وڏي ڳوٺ ۽ شھر ۾ احتجاج ڪيو وڃي حڪومت سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ساحلي پٽي جا ماڻھو بدحالي جو شڪار آھن. قومي عوامي تحريڪ ٺٽو جي صدر ممتاز شيخ خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا جي حڪومت سنڌ کي سئو سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. آبادگار بدحال ٿي ويا آھن. فصلن جو اگھ نٿو ملي. ڪئنال ڪڍيا ويا تہ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي. سنڌو درياھ تي حملي خلاف خاموش نہ ويھنداسين. درياھ خاطر ساھ جي آخري ھڏڪي تائين جدوجھد جي ميدان تي ھونداسين. جيئن ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ نہ ڏنو ائين ڪئنال بہ ٺاھڻ نہ ڏينداسين. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ کي جمھوريت پسند ۽ محب وطن ھجڻ جي سزا ڏني پئي وڃي. ڪرپٽ حڪمران مسلط ڪري سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. سنڌ جي تعليم، امن، گورننس، صحت، روينيو سميت سمورن ادارن کي ڪرپٽ ڪيو ويو آھي. سنڌ دشمن 6 ڪئنال ٺھيا تہ سنڌي ماڻھو اڃ ۽ بک مري ويندا. زراعت ختم ٿي ويندي. اسين ڪنھن بہ صورت ۾ سنڌو درياھ تي ڪئنال ٺاھڻ نہ ڏينداسين. شوڪت نوحاڻي چيو تہ سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ان ڪري سنڌ خلاف سازشون ۽ سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪيا وڃن. سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حبيب الله پليجو خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي کي صرف اقتدار ۽ ڪرپشن جي دولت گھرجي. 17 سالن جي حڪومت سنڌ کي بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو. سنڌو درياءَ مان ڪئنال نڪتا تہ سنڌ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي. درياھ تي ڌاڙو سنڌي ماڻھن جي نسل ڪشي آھي.جر زھريلو ٿي ويندو. پنجاب جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آباد زمينن کي ڀڙڀانگ ڪيو پيو وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. مرتضي لاشاري، شفيع محمد پليجو، ساگر باغي ۽ ٻين خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد : اوباش لڑکے نے چھیڑ خانی سے منع کرنے پر لڑکی پر فائرنگ کر کے قتل کرديا
29th Jun 2025
•
پاکستان
فیصل آباد میں بدبخت بیٹے کی فائرنگ سے ماں جاں بحق ہو گئی، باپ اور بھائی زخمی، ملزم گرفتار
27th Jun 2025
•
سندھ
کراچی، تاجر کے گھر میں بڑی ڈکیتی کرنے والی ٹک ٹاکر بہن اور بھائیوں سمیت گرفتار
27th Jun 2025
•
تازہ ترین
اسرائیلی خفیہ ایجنسیوں سے روابط کے الزام میں ایران میں پھانسیاں اور گرفتاریاں
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
محرم الحرام جي حوالي سان ڏوڪري ۽ ڀرپاسي ۾ لبيڪ يا حسين عه جون صدائون بلند
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي ملڪ جي ڪا به يونيورسٽي عالمي معيار جي نه ھجڻ تي افسوس جو اظھار
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
مورو انتظاميا پاران محرم الحرام جي عزاداري جي روٽس جو دورو
29th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
لکي غلام شاهه شھر ۾ مٺو پاڻي گذريل 40 سالن کان شھر واسين لاءِ خواب بڻيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اشرف پليجو
انتهاپسند ۽ ڪرپٽ
قومي عوامي تحريڪ
گھارو
0 تبصرے