پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبد الخالق پيرزادو پاران جيل جو دورو، حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو

سنڌي خبرون 17th Jul 2025 431 مناظر
ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبد الخالق پيرزادو پاران جيل جو دورو، حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبد الخالق پيرزادو ملير جيل جو دورو ڪري جيل جي اندر ۽ٻاهر جي حفاظتي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو. هن جيل جي چيڪ پوسٽن، داخلي ۽ خارجي رستن، ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڊيوٽين جي چڪاس ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون.دوري دوران سپرنٽنڊنٽ جيل شهاب الدين صديقي ايس ايس پي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جيل ۾ پوليس، رينجرز، ايف سي، ايس ايس يو، ۽ جيل پوليس جي نفري 24 ڪلاڪ الرٽ آهي. واچ ٽاورز، داخلي رستا ۽ ٻين اهم هنڌن تي سيڪيورٽي اهلڪارن جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويو آهي.ايس ايس پي ملير آئي ٽي روم، سي آر او روم، آرٽس روم ۽ ٻين اهم هنڌن جو پڻ دورو ڪيو، جتي هن قيدين لاءِ جاري اصلاحي سرگرمين، رڪارڊ مئنيجمينٽ، ۽ سي سي ٽي وي نگراني جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو ڊاڪٽر عبد الخالق پيرزادو مختلف نوعيت جي ڪيسن ۾ قيد قيدين سان پڻ ملاقات ڪئي، سندن مسئلا ٻڌا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ