پیر، 21 ستمبر 2026
بریکنگ

قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھھ جي شاگرد عاقب عالماڻي جو انبن جي باغ مان لاش ھٿ

سنڌي خبرون 20th Sep 2026 11 مناظر
قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھھ جي شاگرد عاقب عالماڻي جو انبن جي باغ مان لاش ھٿ

شاگرد عاقب عالماڻي 2 ڏينھن اڳ مبينا اغوا ٿي ويو ھو

نوشهروفيروز(ڊ ر) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي پهرين سال جي شاگرد جو لاش انبن جي باغ مان هٿ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي پهرين سال جي شاگرد عاقب عالماڻي جو لاش زيرو پوائنٽ ڀرسان انبن جي باغ مان هٿ آيو آهي. ذريعن موجب عاقب عالماڻي ولد حاڪم عالماڻي کي ٻن ڏينهن کان يونيورسٽي ويندي مبينا طور اغوا ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ سندس لاش زيرو پوائنٽ ڀرسان انبن جي باغ مان مليو. عاقب عالماڻي ضلعي نوشهروفيروز جي شهر ٺاروشاهه جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي ۽ هو قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ 2026 بيچ جي فرسٽ ايئر جو شاگرد هو. لاش کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي بابت وڌيڪ تفصيل ۽ جاچ جا نتيجا سامهون اچڻا آهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ