دڙو ۾ ڳوٺاڻي کان 12 لک روپيا ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا، گگو برادري جو ڌرڻو
ڳوٺ حسين پور جي رھواسين آفتاب گُـگو، الھڏنو گُـگو، علي اڪبر گُـگو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو
سجاول (رپورٽر)سجاول ضلعي جي شھر دڙو ۾ ھٿياربندن ھٿان ڏينھن ڏٺي غريب ڳوٺاڻي کان 12 لک روپيا ڦر جا جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف گُـگا برادري طرفان احتجاجي مظاھرو. تفصيل موجب: سجاول ضلعي جي شھر دڙو جي ڳوٺ حسين پور جي رھواسين آفتاب گُـگو، الھڏنو گُـگو، علي اڪبر گُـگو، غلام علي گُـگو، ربنواز گُـگو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختلف برادرين جي ڳوٺاڻن ھفتو اڳ زمين وڪڻي گھر ٺھرائڻ لاء 12 لک روپين جي رقم بيئنڪ مان ڪڍرائي ڳوٺ کڻي ويندڙ ڳوٺاڻي فقير الھڏنو گُگو کان ڦر ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف سزوڪي اسٽاپ تي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو.ويو ان موقعي تي ھنن انڪشاف ڪندي چيو تہ ڦر واقعي ۾ ملوث جوابدار ظاھر ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي،
جڏھن تہ پوليس کي مليل سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ پڻ جوابدارن جا چھرا واضع طور نظر اچي رھيا آھن. ھنن چيو تہ پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود ڦر ۾ ملوث بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي ۽ نہ ئي ڦر ٿيل رقم واپس ڪرائي سگھي آھي، ھنن سنڌ جي نگران وڏي زير، گھرو معاملن جي صوبائي وزير، آئي جي سنڌ، ڊي، آئي جي حيدرآباد ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي تہ ڦر ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري رقم واپس ڪرائي غريب ڳوٺاڻي سان انصاف ڪيو وڃي.