صوبائي وزير علي حسن زرداري جا ميرپور ساڪرو ۽ ڪيٽي بندر جا دورا
1 تبصرے
محترم حاجي علي حسن زرداري صاحب وزير جيل خانه جات، سنڌ السلام عليڪم ورحمة الله وبركاته، عرضدار: اصغر جت، رهواسي ديھ پٽ مڙهو، يونين ڪائونسل کڳاڻ، تعلقو ميرپور ساڪرو، ضلعو ٺٽو موضوع: ديھ پٽ مڙهو ۽ جت قوم جي محروميءَ بابت فرياد ڳوٺ محمد عارب جت جناب والا! اسان جا اڱڻ ويران، ٻار علم کان محروم، نياڻيون پاڻي لاءِ تڪليفن ڀريو سفر ڪنديون رهن، ۽ اسان جا مريض رستن تي ئي ساهه وڃائين—اهو سڀ ڏسندي به جيڪر قلم خاموش رهي، ته ضمير به شرمسار ٿئي. جنابِ محترم، هي خط ڪنهن سياست يا شهرت لاءِ ناهي، هي تڏهن لکي رهيو آهيان جڏهن ديھ پٽ مڙهو جي وڏي جت آباديءَ ۾ ڪنهن به سرڪاري سهولت جو نشان ناهي. نه اسڪول، نه اسپتال، نه روڊ، نه باقاعده پاڻيءَ جو بندوبست! اڄ به نياڻيون 3 ڪلوميٽر پنڌ ڪري پاڻي ڀرين ٿيون، بوڙها پنهنجي بيمارين سان بي يار و مددگار پيا تڙفن، ۽ جوان نسل اڻ پڙهيل رهجي مستقبل جي اونداهين ۾ گم ٿي رهيو آهي. جنابِ اعلي، جت قوم هميشه امن، خدمت، حب الوطنيءَ لاءِ سڃاتي وئي آهي، پر افسوس! اسان اڄ تائين محرومي جو ئي ورثو ماڻينداسين. ڪنهن به سرڪاري منصوبي ۾ اسان جو نالو ناهي، نه ڪنهن اهلڪار پير پاتو، نه ئي ڪو وزير مشڪل گهڙيءَ ۾ پُڇاڻو آيو۔ مان اوهان کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اوھان اسان جا چونڊيل نمائندا آهيو، اسان جا ووٽ پ پ جي نالي ڪيان آهن اڄ .پر اوهان جو ڪو پير به اسان جي ويرانن ۾ نه پيو۔ تنهنڪري ادب سان، درد سان، فرياد سان عرض ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري هن بي وسيءَ جي صورتحال تي نوٽيس وٺو: هڪ اليمينٽري مڊل اسڪول قائم ڪيو وڃي بنيادي صحت مرڪز يا ڊسپينسري ڏني وڃي روڊن رستن جي مرمت ڪئي وڃي صاف پاڻيءَ لاءِ هٿ پمپ يا فلٽر پلانٽ ڏنا وڃن اها التجا صرف عرض ناهي، پر هڪ پڪار آهي... جت قوم جي پُڪار، جيڪا اوهان تائين پهچي، ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان غريبن لاءِ به سهاري جو هٿ وڌايو وڃي۔ اوهان جي مهربانيءَ جا منتظر عرضدار: اصغر جت ديھ پٽ مڙهو، يوسي کڳاڻ، تعلقو ميرپور ساڪرو ضلعو ٺٽو Ali1988.Asghar@gmail.com 03213808506 03188132472